Book Name:Allah walon kay Rozay

ڪجھ ڍُڪ پاڻي پي ڪري روزا رکيا آهن ۽ ٽي (3) ڏينهن کان کاڌي جو هڪ گرھ تائين ناهي کاڌو، اسان جڏهن به سندن اڳيان سحري يا اِفطاري جي لاءِ کاڌو رکندا آهيون ته انهن کي قرآنِ ڪريم جي اها آيت سڳوري ياد اچي ويندي آهي:

اِنَّ  لَدَیۡنَاۤ اَنۡکَالًا وَّ جَحِیۡمًا ﴿ۙ۱۲﴾ وَّ طَعَامًا ذَا غُصَّۃٍ  وَّ عَذَابًا  اَلِیۡمًا ﴿٭۱۳﴾

(پ۲۹،المزمل: ۱۲-۱۳)

ترجَمو ڪنز الايمان: بيشڪ اسان وٽ وزني ٻيڙيون آهن ۽ ڄڀي ڏيندڙ باھ ۽ نڙي ۾ ڦاسي پوندڙ کاڌو ۽ درد ناڪ عذاب۔

هن آيت جي ياد ايندي ئي اُهي کاڌو کائڻ کان اِنڪار ڪري ڇڏيندا آهن، خدارا! جلدي هلو ۽ اهو معاملو حل فرمايو۔ اهو ٻڌي تمام حضرات حضرت سَيدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽ آيا، جڏهن اِفطاري جو وقت ٿيو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي اها آيت ياد اچي وئي ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون پر جڏهن حضرت سَيدُنا ثابت بُناني، حضرت سَيدُنا يحييٰ ۽ ٻين بزرگن سڳورن رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی لاڳيتو زور ڀريو ته پاڻ
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وڏي مشڪل سان سَتّو مليل پاڻي پيئڻ تي راضي ٿيا ۽ اُنهن ماڻهن جي اِصرار تي ٽئي ڏينهن سَتّو مليل شربت پيتائون۔([1])

مجھ کو بُھوک و پیاس سہنے کی خُدا توفیق دے

گُم تِری یادوں میں رَہنے کی سَدا توفیق دے

 (فيضانِ سُنت،جلد اول،ص۶۶۲)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سُبْحٰنَ اللهعَزَّ وَجَلَّ ! ڏٺو اوهان ته الله وارا عبادات جي معاملي ۾ ڪهڙي زبردست مَدَني سوچ رکڻ وارا ۽ روزن جا ڪيتري قدر ديوانا هوندا هئا



[1]عیون الحکایات حصہ اول،ص۳۷۰بتغیر قلیل