Book Name:Allah walon kay Rozay

1.         جنهن الله عَزَّ وَجَلَّ جي راھ ۾ هڪ ڏينهن جو فرض روزو رکيو، الله عَزَّوَجَلَّ اُن کي جهنّم کان ايترو پري ڪندو جيترو ستن زمينن ۽ آسمانن جي وچ ۾فاصِلو آهي۔ ([1])

2.         جيڪو ڪنهن ڏينهن رِضاءِ اِلٰهي جي لاءِ روزو رکيو ته ان جو خاتِمو به انهيءَ تي ٿيندو ۽ اهو جنت ۾ داخل ٿيندو۔([2])

3.         جنهن به هڪ ڏينهن جو روزو الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ رکيو۔ الله عَزَّوَجَلَّ ان کي جهنّم کان ايڏو پري ڪري ڇڏيندو جيترو فاصلو هڪ ڪانءُ  ننڍپڻ کان پوڙهو ٿي ڪري مرڻ  تائين مسلسل اڏرندي طئي ڪري سگهندو آهي ([3])

مُفَسِّرِ شَهير،حڪيمُ الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن حديث شريف تحت فرمائن ٿا: ڪانءُ جي طبعي عمر هڪ هزار(1000) سال آهي ۽ اهو گھڻو تيز اڏامندو آهي هتي دوزخ کان انتهائي دُوري ٻڌائڻ جي لاءِ مثال طور ارشاد فرمايائون ته ڪانءُ جو ٻچو جيڪڏهن پيدا ٿيندي ئي اڏامڻ شروع ڪري ۽ مرڻ گھڙي يعني هڪ هزار(1000) سال تائين لاڳيندو اڏامندو رهي ته اندازو لڳائي وٺو ته پنهنجي آکيري کان ڪيترو پري تائين وڃي سگھندو، رَبّ تعاليٰ ان روزي دار کي دوزخ کان ايترو پري رکندو۔([4])

 



[1]معجم کبیر، مااسند عتبۃ بن عبد ...الخ،۱۷/۱۲۰، حدیث: ۲۹۵

[2]مسند احمد،حدیث حذیفۃ بن الیمان ،۹/۹۰،حدیث:۲۳۳۸۴

[3]مسند احمد، مسند ابی ہریرۃ،۳/۶۱۹،حدیث:۱۰۸۱۰

[4]مرآۃ المناجیح،۳/۱۹۷