Book Name:Allah walon kay Rozay

سيپاري 22 سورةُ الاَحْزاب جي آيت نمبر 35 ۾ ارشادِ خداوندي عَزَّ وَجَلَّ آهي:

اِنَّ الۡمُسۡلِمِیۡنَ وَ الۡمُسۡلِمٰتِ وَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ وَ الۡمُؤۡمِنٰتِ وَ الۡقٰنِتِیۡنَ وَ الۡقٰنِتٰتِ وَ الصّٰدِقِیۡنَ وَ الصّٰدِقٰتِ وَ الصّٰبِرِیۡنَ وَ الصّٰبِرٰتِ وَ الۡخٰشِعِیۡنَ وَ الۡخٰشِعٰتِ وَ الۡمُتَصَدِّقِیۡنَ وَ الۡمُتَصَدِّقٰتِ وَ الصَّآئِمِیۡنَ وَ الصّٰٓئِمٰتِ وَ الۡحٰفِظِیۡنَ فُرُوۡجَہُمۡ وَ الۡحٰفِظٰتِ وَ الذّٰکِرِیۡنَ اللّٰہَ کَثِیۡرًا وَّ الذّٰکِرٰتِ ۙ اَعَدَّ  اللّٰہُ   لَہُمۡ  مَّغۡفِرَۃً وَّ اَجۡرًا  عَظِیۡمًا ﴿۳۵﴾   

(پ۲۲،الاحزاب:۳۵)

ترجَمو ڪنزالايمان: بيشڪ مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون ۽ ايمان وارا ۽ ايمان واريون ۽ فرمانبردار مرد ۽ فرمانبردار عورتون ۽ سچّا مرد ۽ سچّيون عورتون ۽ صبر وارا ۽ صبر واريون ۽ عاجزي ڪرڻ وارا ۽ عاجزي ڪرڻ واريون ۽ خيرات ڪرڻ وارا ۽ خيرات ڪرڻ واريون ۽ روزي وارا ۽ روزي واريون ۽ پنهنجي پارسائي جي نگاھ رکڻ وارا ۽ نگاھ رکڻ واريون ۽ الله کي گھڻو ياد ڪرڻ وارا ۽ ياد ڪرڻ واريون  هنن سڀني جي لاءِ الله بخشش ۽ وڏو ثواب تيار ڪري رکيو آهي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح قرآنِ ڪريم ۾ روزو رکڻ وارن جي ساراھ بيان ڪئي وئي آهي ۽ اُنهن کي بخشش ۽ وڏي ثواب جي خوشخبري ٻڌائي وئي آهي اهڙي طرح احاديثِ مُبارڪه به روزن جي فضيلت سان مالا مال آهن، جنهن ۾ روزيدارن جي لاءِ مختلف خُوشخبريون بيان ٿيون آهن، اچو!ته هن باري ۾3 فرمانِ مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا: