Book Name:Allah walon kay Rozay

ڪيان، وڏين راتين ۾ (عبادت ڪري) تڪليفون برداشت ڪندو رهان ۽ علمِ دين جي محفلن ۾ عالمن جي سامهون گوڏا ڀڃي ويهان۔([1])

حضرتِ سيدُنا يزيد رَقّاشي رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه  پنهنجي مَوت جي وقت روئڻ لڳا ته انهن کي عرض ڪيو ويو: اوهان رُئو ڇو ٿا؟ ته ارشاد فرمايائون: مان ان ڪري روئان ٿو ته جو مون کي راتين جو قيام، ڏينهن جي روزن ۽ ذڪر جي مجلسن ۾ حاضري جو موقعو نه ملندو۔([2])

حُجَّةُ الاِسلام حضرت سَيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ارشاد فرمائن ٿا ته حضرت سَيدُنا عامر بن عبدِ قَيس رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه پنهنجي وفات جي وقت روئڻ لڳا۔ جڏهن انهن کان روئن جو سبب پُڇيو ويو ته ارشاد فرمايو: مان مَوت جي ڊپ يا دُنيا جي مَحَبَّت ۾ نه پيو روئان، بلڪ گرمين جي روزن ۾ ٻنپهرن جي اُڃ ۽ سياري جي ڊگھي راتين ۾ نفل نماز جي جدائي تي روئي رهيو آهيان۔  ([3])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته هنن مُبارڪ هستين کي شديد گرمي جي روزن جي سخت اُڃ ايتري قدر پسند هئي جو پنهنجي مَوت جي وقت هن ڳالھ تي لُڙڪ وهائي رهيا آهن جو مَوت کان بعد گرمي جي روزن جي اُڃ واري شِدّت جي لذّت ڪيئن نصيب ٿيندي، نماز ۽ روزن جي اهي



[1]احیاء العلوم،۵/۵۷۳

[2]حکایتیں اور نصیحتیں،ص۱۳۲

[3]احیاء العلوم، ۵/۵۷۵