Book Name:Allah walon kay Rozay

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اجتماعي اعتڪاف جي برڪت سان مدني انعامات جي ٻئي مدني انعام پهرين صف ۾ نماز پڙهڻ جي ملندڙ جذبي ڪالو چاچا کي انتقال جي وقت بازار جي غفلت ڀري فضائن کان کڻي مسجد جي رحمت ڀري فضائن ۾ پهچائي ڇڏيو ۽ ڪيڏي خوش نصيبي جو آخري وقت کين ڪلمو ۽ درود شريف نصيب ٿي ويو۔ سُبحٰن الله عَزَّوَجَلَّ! ۽ جنهن کي مرڻ مهل ڪلموشريف نصيب ٿي وڃي ان جو قبر ۽ حشر ۾ ٻيڙو پار آهي۔ جيئن ته نبيءِ رحمت، شفيع امت، مالڪِ جنّت، محبوبِ ربّ العزّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ جنّت نشان آهي۔ جنهن جو آخري ڪلام: لَآاِلٰهَ اِلَّااللّٰهُ هجي، اهو جنّت ۾ داخل ٿيندو۔ ([1])وڌيڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جي برڪت ٻُڌو: جيئن ته انتقال کان ڪجهه ڏينهن پوءِ سندن پٽ خواب ۾ ڏٺو ته مرحوم ڪالو چاچا سفيد لباس ۾ ملبوس مٿي تي سبز سبز عمامي شريف جو تاج سجائي مُسڪرائيندي چئي رهيا آهن: پٽ! دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن ۾ لڳل رهو جو انهيءَ مدني ماحول جي برڪت سان مون تي ڪرم ٿيو آهي۔

مَوت فضلِ خُدا سے ہو ایمان پر

مدنی ماحول میں کرلو تم اِعْتِکاف

رَبّ کی رَحمت سے پاؤ گے جنّت میں گھر

مدنی ماحول میں کر لو تم اِعْتِکاف

(وسائلِ بخشش،ص ۶۴۰)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

فرض روزا ڪيتري ئي سخت گرمي ۾ اچن، بغير شرعي مجبوري



[1]ابوداود،۳/۱۳۲، حدیث:۳۱۱۶