Book Name:Allah walon kay Rozay

جي هرگز هرگز هڪ روزو به قضا نه ٿئي، جيڪڏهن اسان پنهنجن بُزرگن جي طرزِ عبادت کي پيشِ نظر رکي ڪجھ همّت ڪيون ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ گرمي جي روزن ۾ تڪليف جي بدران لذّت محسوس ڪنداسين۔ ڪيئي اهڙا به الله وارا گُذريا آهن جيڪي سڄو سال يا سال جا اڪثر ڏينهن روزو رکي گُذاريندي هئا ۽ خاص طور تي گرمي جي روزن ۾ اُنهن کي ايتري قدر لذّت محسوس ٿيندي هئي جو مَوت جي وقت به جيڪڏهن انهن کي ڪنهن شيءِ جو افسوس ٿيندو هو ته صِرف هن ڳالھ جو ته مرڻ کان بعد اسان کي گرمي جي روزن جي سعادت ۽ لُطف و سُرور ڪيئن نصيب ٿيندو۔

دوجہاں کی نعمتیں ملتی ہیں روزہ دار کو

جو نہیں رکھتا ہے روزہ وہ بڑا نادان ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو عبادت جي شوق ۽ گرمي جي روزن جي ذوق جي حوالي سان الله وارن جي ڪجھ وڌيڪ واقعا ٻڌون ٿا ته جيئن اسان جي دل ۾ ان جو جذبو پيدا ٿئي. جيئن

حضرت سيدُنا مُعاذ بن جبل رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه جي وصال جو وقت جڏهن ويجھو ٿيو ته پاڻ الله  عَزَّ وَجَلَّ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: اي الله  عَزَّ وَجَلَّ! آئون تو کان ڊڄان ٿو ۽ اڄ تو کان اُمّيدون رکان ٿو، اي الله  عَزَّ وَجَلَّ! تُون ڄاڻي ٿو ته مان دُنيا ۽ وڌيڪ عرصو رهڻ ان ڪريِ پسند نه ڪندو هئس جو واھ جاري ڪيان ۽ وڻ لڳايان، بلڪ مان وڏي عمر کي ان ڪري پسند رکندو هئس ته جيئن (روزو رکي ڪري) سخت گرمين ۾ اڃ جي شِدّت کي برداشت