Book Name:Allah walon kay Rozay

بزرگ ايتري قدر ڪثرت ڪندا هئا جو ڄڻ ان جي علاوه اُنهن کي ٻي ڪنهن دُنياوي شيء سان ڪا دلچسپي ئي نه هئي جيئن ته

حضرت سيدُنا مُصْعَب بن ثابِت رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه  جيڪي تمام گھڻا متقي ۽ عبادت گُذار هئا۔ روزانو هڪ هزار (1000) نفل پڙھندا هئا ۽ هميشه روزا رکندا هئا۔([1])

حضرتِ سيدُنا ابراهيم بن اَدْهم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهفرمائن ٿا ته هڪ عبادت گُذار شخص بيمار ٿي ويو ته اسان ان جي عيادت جي لاءِ ان وٽ وياسين۔ اهو وڏا وڏا ساھ کڻي افسوس ڪرڻ لڳو۔ مون ان کي چيو: ڪهڙي ڳالھ تي افسوس ڪري رهيا آهيو؟ ته ان ٻڌايو: ان رات تي جيڪا مون سمهي گذاري ۽ ان ڏينهن تي جنهن ڏينهن مون روزو نه رکيو ۽ اُن گھڙي تي جنهن ۾ آئون الله عَزَّ وَجَلَّ جي ذڪر کان غافل رهيس۔([2])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿورو سوچيو ته جنن پنهنجي زندگي ۾ نفل نمازن يا نفلي روزن ۾ معمولي ڪوتاهي ٿيڻ تي پنهنجي مَوت جي وقت ايتري قدر افسوس ٿيندو هو، اُنهن جي باري ۾ فرض نمازن يا فرض روزن ۾ سُستي جو ته تصوّر به نٿو ڪري سگھجي، ٿورو غور ڪيو!! ته اسان ۾ ۽ اُنهن الله وارن ۾ ڪيتري قدر فرق هو جو اسان وٽ عام طور ماڻهن کي مَوت جي وقت دُنيا ڇڏي وڃڻ جو غم ستائي رهيو هوندو آهي ۽ اُنهن کي عبادت کان محرومي جو غم روئاري پيو، اسان کي صرف



[1]عیونُ الحکایات ،حصہ دوم،ص۳۲۴ بتغیر قلیل

[2]حکایتیں اور نصیحتیں،۱۳۳