Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

خرچ ڪرڻ جي عادت بڻائڻ گھرجي، سخي شخص قلبي اعتبار سان اطمينان بخش زندگي گذاريندو آهي، ان جي مال و اولاد ۾ برڪت ٿيندي آهي، آفتن ۽ مصيبتن کان محفوظ رهندو آهي، مال ۽ دنيا جي محبت دل مان نڪري ويندي آهي، سخاوت ڪرڻ جي برڪت سان الله عَزَّوَجَلَّ جو ان تي اهڙو خاص لطف وڪرم ٿيندو آهي جو ماڻهن جي دلين ۾ ان جي محبت ۽ اُلفت قائم ٿي ويندي آهي جيئن دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 415 صفحن تي مشتمل ڪتاب ’’ضيائے صدقات‘‘صفحي 127 تي آهي: ڪنهن بُزرگ کان پڇيو ويو ته سخاوت بهتر آهي يا شجاعت (يعني بهادري)؟ فرمايائون: خدا تعاليٰ جنهن کي سخاوت ڏي، ان کي شجاعت جي ضرورت ئي ناهي، ماڻهو پاڻهي ان جي سامهون جھڪي ويندا. ([1])

ماڻهن جي وچ ۾ عام طور تي جڏهن ڪنهن سخي انسان جو تذڪرو ڪيو ويندو آهي ته هر ڪو سٺن لفظن سان ان جو ذڪر ڪندو آهي، ايستائين جو ان جو دشمن به ان جي سخاوت جي ڪري ان جي واکاڻ ڪندو آهي، ڏکويل ماڻهو دل جي گھرائين سان ان کي دعائون ڏيندا آهن، اهڙي شخص جو شمار الله عَزَّوَجَلَّ جي پسنديده ٻانهن ۾ ٿيندو آهي ۽ اِنْ شَآءَ اللهعَزَّوَجَلَّ قيامت جي ڏينهن ان کي جنّت جي خُوشخبري ٻڌائي ويندي جيئن ته

شهنشاھ آدم و بني آدم،رسولِ محتشمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ راحت نشان آهي: اِنَّ اللّٰه جَوَادٌ يحِبُّ الْجَوَادَوَيحِبُّمَعَ الِي الْاَخْلَاقِ وَيکْرَه سَفْسَافَھَا  يعني الله عَزَّوَجَلَّ  جَواد آهي ۽ سخاوت ڪرڻ واري کي پسند ڪري ٿو ۽ الله عَزَّوَجَلَّ کي سٺا اخلاق پسند آهن ۽ بداخلاقي ناپسند آهي۔([2]) هڪ ٻي هنڌ تي ارشاد فرمايو: اَلْجَــنَّةُ



[1]ضیائے صدقات،ص۱۲۷بتغیر قلیل

[2]مصنف لابن ابی شیبة،کتاب الادب،باب ماذکر فی الشح،۶/ ۲۵۴،حدیث : ۱۱