Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

پنهنجو سمورو مال راھ خدا ۾ خيرات ڪيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سخاوت جو اهو عالم هو جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مديني جي ڪيترن ئي غريبن جي گھرن ۾ اهڙي پوشيده طريقن سان رقم موڪليندا هئا جو غريبن کي معلوم ئي نه ٿيندو هو ته اها رقم ڪٿان کان اچي ٿي؟ پر جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو وصال ٿي ويو ته انهن غريبن کي خبر پئي ته اها حضرت سَيدُنا امام زَينُ العابدِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سخاوت هئي۔([1]) *حضرت سَيدُنا عزيزُالدّين بن عبدُ السَّلام سُلَمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه غربت جي باوُجُود خُوب صدقو ۽ خيرات ڪندا هئا، جيڪڏهن ڪو سوالي ايندو هو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽ ان کي ڏيڻ جي لاءِ ڪجھ نه هوندو هو پنهنجي عمامي شريف جو ئي ڪجھ حصو ڪٽي ان کي عنايت ڪندا هئا۔([2] ) * حضرت سَيدُنا امام محمد بن حسنرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ايترا مالدار هئا جو 300 ماڻهو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ملڪيت جي حساب ڪتاب لاءِ رکيل هئا، پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجو سمورو مال علمِ دين جي ترويج واشاعت جي لاءِ خرچ ڪري ڇڏيو، ايستائين جو سندن وٽ ڪپڙن جو ڪو عمده وڳو به نه رهيو ۔  (راہِ علم،ص۶۴بتغیر قلیل )

صحابہ ہیں تاجِ رسالت کے لشکر

ر سولِ    خد ا   تاجد ا رِ   صحا بہ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته سخاوت جي معاملي ۾ صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان ۽ بزرگانِ دِينرَحِمَهمُ اللّٰه الْمُبِين جو ڪيڏو نه مدني ذهن بڻيل هو ان ڪري اسان کي به الله عَزَّوَجَلَّ جي ذات تي ڀروسو ڪندي ان جي ڏنل رزق مان انهن غريب ۽ نادار رشتيدارن پاڙيسرين، بيواهن، يتيمن، علم دين جي طالبن ۽ ٻين مستحق ماڻهن تي خرچ ڪرڻ سان گڏوگڏ نيڪي جي ٻين ڪمن ۾



[1]سير اعلام النبلاء،علی بن حسین …الخ،۵/۳۳۶،۳۳۷،ملخصاً

[2]طبقات الشافعیۃ للسبکی، الطبقۃ السادسۃ فیمن توفی بین الستمائۃ والسبعمائۃ،۸/۲۱۴