Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

اهو مال منهنجي ڪنهن ڪم نه ايندو ۽ سڀ هتي ئي رهجي ويندو، ان ڪري سخاوت ڪرڻ ۾ ئي عافيت آهي۔ (6) نَفس ۽ شيطان جڏهن به بُخل ڪرڻ جو مشوره ڏين ته هميشه ان جو الٽ ڪيو، سخاوت جي ڪري مال ۾ گھٽتائي بدران الله عَزَّوَجَلَّ جي ذات تي ڀروسو ڪيو ۽ نفس تي جبر ڪندي نيڪ ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ کان هرگز گرگز نه ڪيٻايو (7) اهڙن ماڻهن جي صحبت اِختِيار ڪيو جن جي برڪت سان خرچ ڪرڻ جو ذهن بڻجي ۽ اهڙن کان پري ڀڄو جيڪي ڪنجوسي ڏانهن رهنمائي ڪن (8) سخاوت جو وصف حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه طرفان شايع ڪيل حُجَّۃُ الْاِسْلَام حضرت سَيدُنا امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا ڪتاب مثال طور اِحياءُ العُلوم (مُتَرْجَم،جلد3)،مُکاشَفَۃُ الْقُلُوب،مِنْهاجُ الْعَابِدِين ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رِسالي "مديني جي مڇي" ۽ المدينةُالعلميه جا ڪتاب ۽ رسالا مثال طور ”ضيائے صَدَقات“ و” صدقے کا انعام وغيره جو مُطالعو ڪيو (9) روزانو فڪرِ مدينه ڪندي مدني انعامات جو رسالو به پُر ڪيو، اَ لْحَمْدُلِلّٰہ  عَزَّوَجَلَّ مدني انعامات جي ذريعي شيخِ طريقت،امِيرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه پنهنجي مُريدن ۽ محبت ڪندڙن کي جتي ٻين سٺين سٺين صفتن ۽ عادتن اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏياري آهي اتي سخاوت جھڙي عمده صفت اپنائڻ جي لاءِ انهن کي عالم سڳورن جي خير خواهي ڪرڻ جو به ذهن ڏنو آهي جيئن ته مدني انعام نمبر 62 آهي:” ڇا توهان هن مهيني ڪنهن سني عالم (يا امامِ مسجد، مؤذن، خادم) کي 112 روپيا يا گهٽ ۾ گهٽ 12 روپيا تحفةً پيش ڪيا؟ (نابالغ پنهنجي ذاتي رقم نه ٿو ڏئي سگهي)۔“ اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ

 هن مدني انعام تي عمل جي برڪت سان ڪنجوسي ختم ٿيندي ۽ چڱن ڪمن ۾ مال خرچ ڪرڻ جو ذهن بڻجندو.