Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

فرمائيندا هئا: اسان جو دنيا سان ڪهڙو تعلُّق آهي؟ اها اسان جو مقصد ناهي، ڄڻ ته اهي خوف محسوس ڪندا هئا ۽ جڏهن تڪليفون ۽ پريشانيون انهن تي نازل ٿينديون هيون ته ان تي خوش ٿيندا ۽ فرمائيندا هئا: هاڻي اسان جي رَبّ عَزَّوَجَلَّ اسان تي نظرِ ڪَرَم ڪئي آهي۔ اهي هئا سَلَف صالحين عَلَيهم رَحْمَۃُ اللّٰه ِالْمُبِين جا اَحوال ۽ اُنهن جا اَوصاف، انهن جا فضائل ته ايترا آهن جو بيان ممڪن ناهي۔ (مزيد فرمائن ٿا ته) هاڻي توهان جي حالت بيان ڪيان جيڪو انهن جي وصفن جي بلڪل اُبتڙ آهي، توهان مال داري جي حالت ۾ سرڪشي ڪندا آهيو، خوشحالي ۾ ناشڪري ڪندا آهيو ۽ مال ودولت جي گھڻائي ۾ آڪڙ ڪندا آهيو، نعمتن تي الله عَزَّوَجَلَّ جو شڪر ادا نٿا ڪيو، تڪليف جي حالت ۾ نااُمّيدي اِختِيار ڪندا آهيو، آزمائش جي وقت ناراض ٿيندا آهيو ۽ ان جي رِضا تي راضي نه ٿيندا آهيو۔ (احیاء العلوم،۳/۷۹۸تا ۸۰۰ملتقطاً )

امیں ہیں یہ قرآن و دِینِ خدا کے

مد ا رِ  ہُد یٰ     اِ عتبا  ر   ِ صحا  بہ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته صحابَه ڪرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهم اَجۡمعِیۡن ڪيڏا نه ساده طبيعت جا مالڪ ها، باوجود ان جو انهن ۾ بعض حضرات اِنتهائي مالدار هئا، پر پوءِ به انهن تي هروقت خوفِ خُدا جو غَلَبو رهندو ، مال و دولت جي گھڻائي جي باوجود اهي سڳورا بُخل جهڙي مُوذي مرض کي پنهنجي ويجھو اچڻ به نه ڏيندا هئا، هر وقت مال ودولت گڏ ڪرڻ، امير ڪبير بڻجڻ ۽ عيش سان رهڻ جي خواهش نه رکندا هئا، اهي اصحاب فَقر ۽ فاقي واري زندگي گُذارڻ کي پاڻ لاءِ نعمتِ خداوندي تَصَوُّر ڪندا هئا، دِينِ اسلام جي خاطر مال و دولت خرچ ڪندا هئا ۽غريبن، مسڪينن ۽ حاجت مندن تي دِل کولي خرچ ڪندا هئا، اچو! صحابَه ڪرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهم اَجۡمعِیۡن ۽