Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

بزرگانِ دِين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ  تَـعَالٰی اَجۡمعِیۡن ڪيئن هئا؟ ته جيئن توهان کي پنهنجي خرابي ۽ صحابه ڪرام  عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي فضيلت معلوم ٿي وڃي۔ ڪن صحابه سڳورن  عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان وٽ مال هو، پر انهن جو مقصد سوال کان بچڻ ۽  راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ هو، ان ڪري انهن حلال ڪمايو، پاڪيزه کاڌو، ميانه رَوِي سان خرچ ڪيو ۽ (صدقي ۽ سخاوت جي ذريعي پنهنجي مال کي) پنهنجي آخرت جي لاءِ اڳتي موڪليو، جيڪو ڪجھ انهن تي مالي حقَ لازم هئا، ان ۾ انهن ڪوتاهي نه ڪئي ۽ نه ئي بخل ڪيو، بلڪ انهن اڪثر مال الله عَزَّوَجَلَّ جي رِضا جي لاءِ خرچ ڪري ڇڏيو، ايستائين جو انهن مان ڪن ته سڄو مال ئي راھ خدا ۾ خرچ ڪري ڇڏيو، ۽ تنگي جي وقت ۾ اڪثر الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا کي پنهنجي ذات تي ترجيح ڏني، توهان ٻڌايو! ڇا توهان به اهڙا آهيو؟ الله جو قسم! توهان انهن سان ذري برابر به مُشابَهت نٿا رکو۔ اڪابر صحابه ڪرام  عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان مسڪين رهڻ پسند ڪندا هئا، محتاجي جي ڊپ کان بي خوف رهندا هئا ۽ رزق جي معاملي ۾ الله عَزَّوَجَلَّ تي يقين رکندا هئا۔ الله  عَزَّوَجَلَّ جيڪو ڪجھ انهن جي لاءِ مُقَدَّر فرمايو آهي، ان تي خُوش رهندا هئا، مصيبت ۽ آفت واري  حالت ۾ رَبّ عَزَّوَجَلَّ جي رضا تي راضي، خُوشحالي ۾ شڪر گذار، تنگي ۾ صابر، راحت ۾ ان جي ساراھ ڪرڻ وارا هئا۔ الله عَزَّوَجَلَّ جي لاءِعاجزي ڪرڻ وارا ۽ غرور وتڪبُّر ۽ مال جي گھڻائي تي فخر کان پري رهڻ وارا هئا، انهن دنيا کي ٺوڪر هنئي ۽ ان جي سختين تي صبر ڪيو ۽ ان جو ڪوڙو ڍڪ پيتو ۽ ان جي نعمتن ۽ آسائشن کان بي پرواھ رهيا، ڇا توهان به اهڙا آهيو؟ جڏهن دُنيا انهن ڏانهن مُتَوَجّھ ٿيندي هئي ته اهي غمگين ٿي ويندا هئا ۽ (عاجزي ڪندي) فرمائيندا هئا ته اهو ڪهڙي گناھ جي سزا آهي، جيڪا انهن کي هڪدم ملي آهي، ۽ جڏهن فقر کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسندا هئا ته فرمائيندا هئا، صالحين عَلَيهم رَحْمَۃُ اللّٰه ِالْمُبِين جي نشاني جو اچڻ مبارڪ هجي ۔جڏهن انهن کي مالي آسُودَگي حاصل ٿيندي ته غمگين ٿيندا ۽ ڊپ ڪندا ۽