Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

آئينده ڪري وٺنداسين، انهي خيال ۾ رهندا آهن ته موت اچي ويندو آهي.

 (مراة المناجيح، ج. 7، ص. 94)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد د

ڊگهي اميد مان ڇا مراد آهي؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح ظاهري مرضن کان بچڻ جي لاءِ بنيادي معلومات جو هجڻ لازمي آهي، اهڙي طرح باطني مرضن کان حفاظت جي لاءِ به علم ضروري آهي، تنهنڪري ڊگهي اميد جي هيءَ تعريف خوب ذهن نشين فرمائي ڇڏيو؛ جن شين جو حصول تمام مشڪل هجي، ان جي لاءِ ڊگهيون اميدون ٻڌي ڪري زندگي جا قيمتي لمحا ضائع ڪرڻ، طُولِ امل يعني ڊگهي اميد چورائيندو آهي. (فيض القدير، ج. 1، ص. 277، حديث 294)

ڊگهي اُميد جا نقصانَ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڊگهي اميد جي متعلق الله عَزَّوَجَلَّ سيپاري 14 سورةُ الحجر جي آيت نمبر 3 ۾ ارشاد فرمائي ٿو؛

ذَرۡہُمۡ یَاۡکُلُوۡا وَ یَتَمَتَّعُوۡا وَ یُلۡہِہِمُ الۡاَمَلُ  فَسَوۡفَ  یَعۡلَمُوۡنَ ﴿۳﴾

 

ترجمو ڪنزالايمان: انهن کي ڇڏي ڏيته کائن۽ نفعو وٺن ۽ اميد  انهن کي غفلت ۾ وجهي پوءِ جلدي انهن کي خبر پوندي.

صدر الافاضل حضرت علّامه مولانا سيّد محمد نعيم الدين مرادآبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن آيتِ مبارڪه جي تحت فرمائن ٿا؛ ان ۾ تنبيهه آهي ته ڊگهيون اميدن ۾ گرفتار ٿيڻ ۽ دنيا جي لذّتن جي طلب ۾ غرق ٿي وڃڻ، ايماندار جو شان ناهي. حضرت علي مرتضٰي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو؛ ڊگهيون اميدون آخرت کي وسارينديون آهن ۽ خواهشن جي پيروي، حق کان روڪيندي آهي.