Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

بارگاههِ الٰهي ۾ پنهنجي هر عمل جي جواب ڏيڻ جو ڊپ ۽ بري خاتمي جو خوف ڪڍنديون آهن، انسان ڊگهي اميدن ۾ پئجي ئي مسلمانن سان بغض ۽ عداوت رکي ٿو، توبهه ڪرڻ جي اميد تي غيبت، چغلي، حسد، تڪبر جهڙن باطني گناهن ۾ وڃي پوي ٿو ۽ شيطان ان جي دل تي حڪومت ڪري ٿو. (موسوعة ابن ابي دنيا، ج. 3، ص. 328، رقم؛ 103) ڊگهين اميدن جي سبب نيڪيون ڪرڻ دشوار ٿي ويندو آهي جيئن ته

حضرت سيّدنا امام غزالي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ الوَاِلی فرمائن ٿا؛ ڊگهيون اميدون نيڪي ۽ طاعت جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن، پڻ هر فتني ۽ شر جو باعث آهن، ڊگهين اميدن ۾ مبتلا ٿي وڃڻ، هڪ مرض آهي جيڪو ماڻهن کي ٻين گهڻن مرضن ۾ مبتلا ڪندو آهي. (منهاج العابدين، ص. 118)

ڇهه آزمائشون!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڊگهي اميد انسان کي ڇهن آزمائشن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي؛

پهرين آزمائيش: ڊگهي اميد انسان کي غافل ۽ سُست بڻائي ڇڏيندي آهي، اهو ئي سبب آهي ته نيڪي ڪرڻ کان پهريان ئي دل ۾هي خيال ڄمي ويندو آهي ته ”اڃا ٿوڙي دير کان پوءِ ڪندس، اڃا  ڪافي وقت آهي، عبادت جو موقعو ضايع ٿيڻ نه ڏيندس“ ايئن ئي سستي ڪري ٻانهو نيڪيءَ  جو موقعو ضايع ڪري ڇڏيندو آهي. (منهاج العابدين، ص. 81)

ٻين آزمائش: ڊگهي اميد انسان کي بد عملي جو شڪار ڪري ڇڏيندي آهي، جئين ته حضرت داؤد طائي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن بالڪل سچ فرمايو آهي؛