Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

ٽين ٿورو پري، پوءِ صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ سان ارشاد فرمايائون؛ ”توهان ڄاڻيو ٿا هي ڇا آهي؟“ انهن عرض ڪيو؛ الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جو رسول
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بهتر ڄاڻين ٿا. ارشاد فرمايائون؛ ”هڪ ڪاٺي انسان ۽ ٻي موت آهي جڏهن ته پري واري اميد آهي، انسان اميد جي طرف هٿ وڌائيندو آهي. پر اميد جي بدران موت ان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندو آهي.“ (موسوعة ابن ابي دنيا، ج. 3، ص. 306، رقم؛10)

دِل سے الفتِ دنیا بالیقیں نکل جاتی      خار ان کے صَحرا کا دل میں گر اُتَر جاتا

لازمی ہے ہر صورت چھوڑنا گناہوں کا      بھائی موت سے پہلے کاش! تُو سدھر جاتا

اهم نصيحت!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پاڻ کي موت جي ويجهو تصور ڪريو، پنهنجي انهن عزيز مٽن مائيٽن ۽ دوستن کي ياد ڪريو، جن کي موت اچي ورتو ۽ اڄ اهي مڻ مٽيءَ هيٺان دفن آهن، ڊگهين اميدن بابت هڪ ناصح (يعني نصيحت ڪرڻ واري) جي نصيحت ٻڌو جيئن ته

حضرت سيّدنا ابو زڪرِيّا تَيمِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان منقول آهي  ته اُمَوي خليفي سليمان بن عبدالملڪ مسجدِ حرام ۾ بيٺو هو ته ان وٽ هڪ پٿر آندو ويو، جنهن تي ڪجهه لکيل هئو، پوءِ ڪنهن پڙهڻ واري کي تلاش ڪيو ويو ته حضرت سيّدنا وهب بن مُنبَّه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تشريف کڻي آيا، ان تي ڪجهه هيئن لکيل هو؛ اي ابن آدم! جيڪڏهن تون زندگي جي ويجهو شيء موت کي ڏسي وٺين ته ضرور ڊگهين اميدن کان ڪنارو ڪندين ۽ پنهنجي عمل کي وڌائيندي، پڻ تنهنجو حرص ۽ ڪوششون گهٽ ٿي وينديون ۽ جيڪڏهن تنهنجا قدم ٿڙي وڃن ته  قيامت جي ڏينهن تو کي افسوس ٿيندو، تنهنجا گهر