Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

مفتي دعوتِ اسلامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ ڀيري ڪرائي جو مڪان وٺڻ چاهيو ٿي ته ڪنهن مشورو ڏنو ته پاڻ مڪان خريد ڇو نه ٿا ڪري ڇڏيو؟  ته فرمايائون ته زندگي مختصر آهي، ڪرائي جو مڪان ئي ڪافي آهي.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! گناهن جي عادت کان جان ڇڏائڻ ۽ ڊگهين اميدن کان نجات پائڻ، سنّتون اپنائڻ ۽ پنهنجو سينو عشقِ رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مدينو بڻائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي سدا بهار مدني ماحُول سان هر دم وابسته رهو. گناهن  جي دلدل مان نڪري، مدني ماحول اپنائڻ ۽ مدني قافلي ۾ سفر ڪري خوب برڪتون لُٽڻ واري هڪ عاشقِ رسول جي مدني بهار ٻڌو؛

فيشن پرست ”مُبلّغ سُنّت“ بڻجي ويو

اِندَورشهر (M.P هند) جي هڪ ماڊرن نوجوان رمضان المبارڪ سن 1426هه جي آخري ڏهاڪي ۾ تبليغ قرآن وسنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي طرفان ٿيندڙ  اجتماعي اعتڪاف ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ اعتڪاف ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي۔ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۽ عاشقانِ رسول جي صحبت جي برڪت سندن سان دل ۾ مدني انقلاب برپا ٿي ويو، چهري تي ڏاڙهيءَ جون بهارون مُرڪڻ لڳيون ۽ سبز عمامي شريف سان سرسبز ٿي ويا۔ هٿو هٿ 12 ڏينهن جي لاءِ سنّتن جي تربيت جي مدني قافلي جا مسافر بڻجي ويا، خوب مدني رنگ چڙهيو۔ اَلحَمدُلله عَزَّوَجَلَّ مبلغ دعوتِ اسلامي بڻجي ويا۔ اَلحَمدُلله عَزَّوَجَلَّ تادمِ تحرير پنهنجي شهر جي اندر دعوتِ اسلامي جي هڪ حلقه مشاورت جي نگران جي حيثيت سان مدني ڪمن جون