Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

توهان ڇا محسوس ڪري رهيا آهيو؟ ان چيو؛ مان پنهنجي دل تي ڪجهه ٻوجهه محسوس ڪري رهيو آهيان، مون کي لڳي ٿو ته منهنجي موت جو پيغام آهي. ماڻهن چيو؛ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، توهان جي عمر وڏي ۽ اقبال بلند ٿئي، توهان پريشان نه ٿيو. ان غيبي آواز بادشاهه جي دل مان ڊگهين ڊگهين اميدن جو خاتمو ڪري ڇڏيو، ان کي عيش ۽ عشرت جا سڀئي منصوبا حقير نظر اچڻ لڳا،  آخرت جي فڪر جو ان تي غلبو ٿيو، ان جي دل مان خواهشن جي باهه وسامي وئي ۽ اهو گناهه ڇڏڻ جو ارادو ڪندي بارگاههِ خداوندي ۾ هيئن عرض گذار ٿيو؛ ”اي منهنجا پاڪ پروردگار عَزَّوَجَلَّ! مون تو کي ۽ هتي موجود تنهنجي ٻانهن کي گواهه بڻائي تنهنجي طرف رجوع ڪريان ٿو ۽ پنهنجي تمام گناهن ۽ زيادتين تي نادم ٿي توبهه ڪيان ٿو. اي منهنجا خالق عَزَّوَجَلَّ! جيڪڏهن تون مون کي دنيا ۾ ڪجهه مدّت وڌيڪ باقي رکڻ چاهين ٿو ته مون کي دائمي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جي راهه تي هلاء ۽ جيڪڏهن مون کي موت ڏئي پنهنجي طرف گهرائڻ چاهين ٿو ته  تون مون تي ڪرم ڪر ۽ پنهنجي ڪرم سان منهنجي گناهن کي بخش.“ بادشاهه اهڙي طرح التجا ۾ مصروف رهيو ۽ ان جو سور وڌنڌو ويو، پوءِ ان هنن لفظن جي تڪرار شروع ڪري ڇڏي؛ الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم! موت، الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم! موت. بس اهي ئي ڪلما ان جي زبان تي جاري هئا ته ان جو روح پرواز ٿي ويو. ان دور جي فقهاءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی فرمائيندا هئا؛ ان بادشاهه جو خاتمو توبهه تي ٿيو. (موسوعة ابن ابي دنيا، ج. 3، ص. 361، عُيونُ الحڪايات، 404)

 

 

خدایا بُرے خاتمے سے بچانا            پڑھوں کلمہ جب نکلے دم یا الٰہی

      گناہوں کی عادت بڑھی جا رہی ہے               کرم یا الٰہی کرم یا الٰہی