Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

صحبت انسان کي نيڪ بنائڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪندي آهي. سٺي صحبت لاءِ سٺو ماحول ضروري آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! هن دور ۾ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول الله عَزَّوَجَلَّ جي تمام وڏي نعمت آهي، تنهنڪري توهان به دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، هن جي برڪت سان ڊگهي اميدن ۾ گهٽتائي ۽ باطني بيمارين کان نجات ملندي.

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني حلقه“

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! تبليغِ قرآن و سنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جو مشڪبار مدني ماحول سٺي صحبت فراهم ڪندو آهي، هن مدني ماحول سان وابسته ٿي لکين ماڻهو گناهن واري زندگي کان توبه ڪري نيڪين واري زندگي گذاري رهيا آهن. توهان به دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ حصو وٺڻ وارا بڻجي وڃو. ذيلي حلقي جي 12 ڪمن مان هڪ مدني ڪم نماز فجر کان پوءِ مدني حلقو به آهي. جنهن ۾ روزانو 3 قرآني آيتن جي تلاوت ۽ ترجمو ڪنزالايمان ۽ تفسير خزائن العرفان/ تفسير نور العرفان/ تفسير صراط الجنان، درسِ فيضان سنّت (4 صفحا) ۽ شجره قادريه، رضويه، ضيائيه، عطاريه پڙهيو ويندو آهي. قرآن ڪريم کي پڙهڻ پڙهائڻ ۽ سمجهڻ سمجهائڻ جون وڏيون برڪتون آهي، نبيِّ مڪرم، نور مجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ معظم آهي: جنهن شخص قرآن سکيو ۽ سکاريو ۽ جيڪو ڪجهه قرآن ۾ آهي، ان تي عمل ڪيو، قرآن شريف ان جي شفاعت ڪندو ۽ جنّت ۾ وٺي ويندو. (تاريخ دمشق لابن عساڪر، ج. 41، ص. 3، المعجم الڪبير، ج. 10، ص. 198، حديث 10450) هڪ ٻي حديث ۾ آهي: جنهن شخص قرآن ڪريم جي هڪ آيت يا دين جي ڪا سنّت سکائي، قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ ان جي لاءِ اهڙو ثواب تيار