Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

 

شعر ء درود شریف

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!

v        بصره جو بادشاهه ڊگهين اميدن جي ڪري دنياوي عيش ۽ عشرت ۾ مبتلا ٿيو، جيئن ئي ڊگهي اميدن جي باهه وِسي، غفلت جي اونداهي ختم ٿي وئي، ته ان جي دل توبه ڏانهن مائل ۽ گناهن ۽ دنيا کان بيزار ٿي وئي ۽ ڊگهين اميدن کي ڇڏي گناهن تي شرمندو ٿيڻ جي برڪت سان ان جو خاتمو به توبه تي ٿيو.

v        ڊگهي اميدن جي ڌوڪي ۾ اچي انسان اهو سوچيندو آهي ته اڃا عمر گهڻي آهي، نيڪيون پوءِ ڪري وٺنداسين، انهيءَ خيال ۾ هوندا آهن ايتري ۾ موت اچي ويندو آهي.

v         ڊگهي اميد عمل کي ضايع ڪرائي ڇڏيندي آهي، نفس جي خواهشن ۾ مبتلا ڪري انسان کي عاجز ۽ لاچار بڻائي ڇڏيندي آهي.

v         دنياوي اميدن ۾ گهٽتائي کان غفلت نه ٿيندي آهي، انسان گناهن تي دلير ناهي ٿيندو، توبه ۾ جلدي ڪندو آهي ۽ هر وقت پنهنجي موت کي ياد رکندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان جي بزرگان دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی پاڻ کي ڊگهين اميدن کان بچائيندا هئا.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! دعوت اسلامي جي مدني ماحول جي برڪت سان اڄ به دنيا مان بي رغبتي ۽ نا اميدي رکڻ وارن جا اهڙا مثال موجود آهن، جن جا واقعا ملاحظه ڪرڻ کان پوءِ بزرگان دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي ياد تازهه ٿي ويندي آهي.