Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

ڊگهي اميد گناهن جي جڙ آهي

   مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان بادشاهه کي ڊگهي اميد ڪهڙي طرح فاني دنيا جي عيش و عشرت جو عادي بڻائي لذّتن ۾ بدمست ڪري ڇڏيو، انهيءَ ڊگهي اميد جي ڄار ۾ ڦاسي ڪري اهو قبر جي وحشتن کان بي نياز، پُر رونق محلات جي تعميرات ۽ راند روند جي اوزارن ۾ مشغول ٿيو، دوستن جي بي فائده صحبت ۽ خادمن جي خوشامدانه خدمت جي نشي ۾ قبر جي تنهائي کي هڪدم وساري ويٺو، پر جيئن ئي دل مان ڊگهين اميدن جي باهه وسامي، غفلت جي اونداهي دور ٿي، ته ان جي دل توبهه جي طرف مائل، گناهن کان بيزار ۽ دنيا کان اُچاٽ ٿي وئي. واقعي ڊگهين اميدن جي آفت، انسان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪيئي طرح جي مصيبتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي، نفس ۽ شيطان ان کي توبهه جي اميد ڏياري پنهنجي جال ۾ ڦاسائيندا آهن، ايئن ئي ٻانهو گناهن تي دلير ٿي ويندو آهي ۽ بعض اوقات گناهن تي دليري بري خاتمي جو سبب بڻجي ويندي آهي. ياد رهي! ڊگهي اميد تمام گناهن جي جڙ ۽ انسان جي تباهي ۽ بربادي جو هڪ سبب آهي. جيئن ته

نبيِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمانِ عاليشان آهي؛ اَوَّلُ فَسَادِهَا اَلْبُخْلُ وَالاَمَلُ يعني هن امت جو پهريون فساد بخل ۽ ڊگهي اميد آهي. (مشڪاةُ المصابيح، ج. 2، ص. 260، حديث 5281) هن روايت جي تحت مفسرِ شهير حڪيم الامت مفتي احمد يار خان عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الْـمَنَّانْ فرمائن ٿا؛ يعني مسلمان جو پهريون گناهه، جيڪو ٻين گناهن جو سبب آهي ان مان ٻه (2) شيون هي آهن؛ (1) بخل جڙ آهي خون ريزي ۽ فساد جي (2) ڊگهيون اميدون جڙ آهن، غفلت ۽ گناهن جي. انسان پوڙائپ ۾ به هي سوچيندو آهي ته اڃا عمر گھڻي آهي، نيڪيون