Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث:4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مَدَني قافلي، مَدَني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس ۔

ڊگهي اميد جي خاتمي جو انعام

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 413 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”عُيونُ الحڪايات“ جي صفحي نمبر 348 تي آهي؛

بَصره جي بادشاهه بادشاهي کي ڇڏي زُهد و تقوٰي واري راهه اختيار ڪئي، پر ٻيهر سلطنت ۽ حڪومت ڏانهن مائل ٿيو، عيش و عشرت ۾ باقي زندگي گذارڻ جو ارادو ڪيو. ان هڪ شاندار محل ٺهرايو، جنهن ۾ اعلٰي قسم جون قالينون وڇرايون ۽ هر طرح جي ساز و سامان سان ان عظيمُ الشّان محل کي سينگاريو ۽ هڪ ڪمرو مهمانن جي لاءِ خاص ڪري ڇڏيو، اتي عمده بستر وڇايا ويندا هئا، مختلف قسمن جا کاڌا گھرايا ويندا هئا. اهو بادشاهه ماڻهن کي گهرائيندو هو، عظيمُ الشّان محل ۽ بادشاهه جي شان ۽ شوڪت ڏسي ماڻهو خوب تعريف ۽ خوشامد ڪندا هئا. هي سلسلو ڪافي عرصي تائين هلندو رهيو،