Share this link via
Personality Websites!
”ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث:4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مَدَني قافلي، مَدَني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس ۔
دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 413 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”عُيونُ الحڪايات“ جي صفحي نمبر 348 تي آهي؛
بَصره جي بادشاهه بادشاهي کي ڇڏي زُهد و تقوٰي واري راهه اختيار ڪئي، پر ٻيهر سلطنت ۽ حڪومت ڏانهن مائل ٿيو، عيش و عشرت ۾ باقي زندگي گذارڻ جو ارادو ڪيو. ان هڪ شاندار محل ٺهرايو، جنهن ۾ اعلٰي قسم جون قالينون وڇرايون ۽ هر طرح جي ساز و سامان سان ان عظيمُ الشّان محل کي سينگاريو ۽ هڪ ڪمرو مهمانن جي لاءِ خاص ڪري ڇڏيو، اتي عمده بستر وڇايا ويندا هئا، مختلف قسمن جا کاڌا گھرايا ويندا هئا. اهو بادشاهه ماڻهن کي گهرائيندو هو، عظيمُ الشّان محل ۽ بادشاهه جي شان ۽ شوڪت ڏسي ماڻهو خوب تعريف ۽ خوشامد ڪندا هئا. هي سلسلو ڪافي عرصي تائين هلندو رهيو،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami