Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

وارا ۽ پاڙي وارا تو کي قبر جي حوالي ڪري ڇڏيندا، والدين ۽ رشتيدار پري ٿي ويندا، اولاد ڇڏي ويندو ۽ تون دنيا جي طرف نه واپس اچي سگهندين نه ئي نيڪين ۾ اضافو ڪري سگهندين، تنهنڪري حسرت ۽ ندامت طاري ٿيڻ کان پهريان ئي قيامت جي ڏينهن جي لاءِ تياري ڪري ڇڏ. هي ٻڌي سليمان بن عبدالملڪ ڏاڍو رُنو. (احياءُ العلوم، ج 5، ص 199) 

 

قبر میں میّت اُترنی ہے ضرور           جیسی کرنی ویسی بھرنی ہے ضرور

 

ڊگهيون اميدون نه رکڻ جي فضيلت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڊگهيون اميدون نه رکڻ جي برڪت سان هدايت نصيب ٿيندي آهي، جيئن ته رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو؛ جيڪو شخص دنيا ۾ رغبت ڪندو ۽ ان ڊگهيون ڊگهيون اميدون ٻَڌندو، الله عَزَّوَجَلَّ ان جي دل کي دنيا ۾ رغبت جي حساب کان انڌو ڪري ڇڏيندو ۽ جيڪو شخص دنيا کان بي رغبتي ڪندو ۽ پنهنجي اميدن کي گهٽ ڪندو، الله عَزَّوَجَلَّ ان کي سکڻ جي بغير علم عطا ڪندو ۽ بنا ڪنهن جي رهنمائي جي هدايت عطا فرمائيندو. (ڪنز العمال، ج. 3، ص. 82)

غفلت جو علاج

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دنياوي اميدن ۾ گهٽتائي سان غفلت طاري ناهي ٿيندي، انسان گناهه تي دلير ناهي ٿيندو، توبهه ۾ جلدي ڪندو آهي ۽ هر وقت پنهنجي موت کي پيشِ نظر رکندو آهي، اهو سبب آهي جو بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی پاڻ کي ڊگهين اميدن کان بچائيندا هئا، ان باري ۾ ٽي حڪايتون ٻڌو؛

حڪايت: حضرت سيّدنا محمد بن ابُو توبه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه چون ٿا ته هڪ ڀيري حضرت سيّدنا معروف ڪرخي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن نماز جي لاءِ اِقامت چئي ۽ مون