Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي سنت جي فضيلت، چند سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمانِ جنت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو.  (مشڪاة المصابيح، ج. 1، ص. 55، حديث. 175)

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا

 

جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

گهر ۾ اچڻ وڃڻ جا 12 مدني گل

]1[ جڏهن گهران ٻاهر نڪرو ته هي دعا پڙهو: بِسْمِ اللهِ تَوَکَّلْتُ عَلَی اللهِ لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللّٰہِ‘‘ ترجمو: الله جي نالي سان، مون الله تي ڀروسو ڪيو۔ الله کان سواءِ نه (گناهن کان بچڻ جي) قوت آهي ۽ نه (نيڪيون ڪرڻ جي) طاقت آهي۔  (سنن ابن داود، ج 4 ص 420 حديث 5095) اِنشآءَاللهعَزَّوَجَلَّ انهيءَ دعا کي پڙهڻ جي برڪت سان سڌي واٽ تي رهندو مصيبتن کان حفاظت ٿيندي ۽ اللهعَزَّوَجَلَّ جي مدد شاملِ حال رهندي ]2[ پنهنجي گهر ۾ ايندي ويندي مَحارِم ۽ مَحرمات (مثال طور ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، ٻارن ٻچن وغيره) کي سلام ڪريو]3[ بنا الله (عَزَّوَجَلَّ) جو نالو وٺڻ جي مثال طور بِسْمِ اللهِ چوڻ بنا جيڪو پنهنجي گھر ۾ داخل ٿيندو آهي، شيطان به اُن سان گڏ داخل ٿي ويندو آهي ]4[ جيڪڏهن اهڙي گهر (کڻي پنهنجي خالي گهر) ۾ وڃڻ ٿئي جو اُن ۾ ڪو به نه هجي ته هيئن چئو: اَلسَّلَامُ عَلَیْنَا وَعَلٰی عِبَادِ اللهِ الصّٰلِحِیْن    (يعني اسان تي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن تي سلام) ملائڪ انهي سلام جو جواب ڏيندا۔ (ردالمحتار ج 9 ص 682) يا هن ريت چوي: اَلسَّلَامُ عَلَیْکَ اَیُّـھَاالنَّبِیُّ (يعني يا نبي توهان تي سلام) ڇوته حضور اقدسصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو روح مبارڪ مسلمانن جي گهرن ۾ تشريف فرما هوندو آهي۔ (بهار شريعت حصو 16 ص 96، شرح الشفاء للقاري ج 2 ص 118)