Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

کي فرمايو؛ ”اڳيان وڌي نماز پڙهايو“ مون عرض ڪيو؛ ”اها هڪ ئي نماز پڙهائيندس، ان کان علاوه ڪا به نماز نه پڙهائيندس“ هي ٻڌي انهن فرمايو؛ ”تون پنهنجي دل ۾ ٻي نماز جي باري ۾ سوچي رهيو آهين، الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي ڊگهين اميدن کان بچائي ته اهي ئي نيڪ اعمال ۾ رڪاوٽ بڻجنديون آهن“ (احياءُ العلوم، ج. 5، ص. 200)

حڪايت: حضرت سيّدنا صفوان بن سليم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مسجد ئي ۾ رهندا، جڏهن مسجد مان نڪرندا هئا ته روئيندي هي فرمائيندا هئا؛ مون کي هي خوف آهي ته  ٻيهر مسجد واپس نه موٽي سگهندس. (موسوعة ابن ابي دنيا، ج. 3، ص. 317، رقم؛ 62)

حڪايت: ڪنهن  شخص حضرت زراره بن اوفٰي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن کي وفات کان پوءِ خواب ۾ ڏسي پڇيو؛ ”اي برزخ ۾ رهڻ وارو! توهان جي ويجهو ڪهڙو عمل بهتر آهي؟“ ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جواب ڏنو. ”رضاءِ الٰهي ۽ اميدن کي مختصر رکڻ “ (احياء العلوم، ج. 5، ص. 264)

 

کچھ نیکیاں کما لے جلد آخرت بنا لے      کوئی نہیں بھروسا اے بھائی! زِندگی کا

 

سيّدنا داود طائي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي نصيحت

حضرت سيّدنا ابو محمد بن علي زاهد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ اسان ڪوفه ۾ هڪ جنازي ۾ شريڪ ٿياسين، ان ۾ حضرت سيّدنا داود طائي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه به شريڪ هئا، جڏهن ماڻهو کي دفنائڻ لڳا ته پاڻ هڪ طرف ويهي رهيا، مان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽ آيس ۽ ويجهو ويٺس ته پاڻ فرمايائون؛ جيڪو عذاب جي واعدي جو خوف رکي ٿو، پري جي شيء به ان جي ويجهو اچي ويندي آهي ۽ جنهن جون اميدون وڌيڪ هجن، ان جو عمل گھٽجي ويندو آهي ۽ هر اچڻ واري شيء  (يعني موت) ويجهو ئي آهي، اي منهنجا ڀاءُ! ياد رکو ته جيڪا شي  توهان کي