Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

(1) جهالت يا ته ائين موجود هوندي آهي جو انسان پنهنجي جواني تي ڀروسو ڪري اهو سمجهندو آهي ته جواني ۾ موت نه ايندو ۽ ويچارو ان ڳالهه تي غور نه ڪندو آهي ته پوري شهر جي پوڙهن کي ڳڻيو وڃي ته انهن جي تعداد مُردن جي ڏهين حصي کي به نه پهچندي ۽ تعداد گهٽ هئڻ جو سبب اهو ئي آهي ته وڌيڪ ماڻهو جواني ۾ مري ويندا آهن. ڄڻ هڪ پوڙهو مرندو آهي ته هزار ٻار ۽ جوان مري رهيا آهن.

(2)  يا جهالت هيئن هوندي آهي جو صحتمند رهڻ جي ڪري موت نه ايندو ۽ اوچتو اچڻ کي هڪ اتفاقي واقعو شمار ڪندو آهي ۽ اها ئي ان جي جهالت آهي ته هڪ واقعو نه آهي ۽ هڪ اڌ واقعو شمار به ڪيو وڃي ته بيماري جو اوچتو ظاهر ٿي وڃڻ ڪو به مشڪل نه آهي، ڇو ته هر بيماري اوچتو اچي سگهي ٿي ۽ جڏهن انسان اوچتو بيمار ٿي سگهي ٿو ته اوچتو موت جو اچڻ ذرو به مشڪل ناهي. هن جو علاج اهو آهي ته پنهنجو ذهن هيئن ٺاهيو ته جيئن ٻيا مرندا آهن، آئون به مري ويندس، منهنجو جنازو به کندو ويندو ۽ قبر ۾ وڌو ويندو، شايد منهنجي قبر جو ڍڪ تيار ٿي ويو هوندو. هن غفلت مان ڇٽڪارو حاصل نه ڪرڻ ۽ ايئن نٽائيندو رهڻ سراسر جهالت آهي. (احياءُ العلوم، ج. 5، ص. 201-202)

مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو

حضرت سيدنا عليُّ المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ٽن شخصن سان دوستي نه ڪرڻ جو حڪم فرمايو آهي، جيئن سندن فرمان آهي: (1) فاجر ( گنهگار) سان تعلق نه رک، ڇو ته اهو پنهنجي فعل کي تنهنجي لاءِ سينگاريندو ۽ هي چاهيندو ته تون به ان جهڙو ٿي وڃ ۽ پنهنجي بد ترين خصلت کي سٺو ڪري ڏيکاريندو، تو