Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

روزانه فڪرِ مدينه

حضرت سَيّدُنا عطاء سُلَمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن خوف خدا جي سبب چاليھ (40) سالن تائين آسمان جي طرف نه ڏٺو ۽ نه ئي ڪنهن انهن کي مسڪرائيندي ڏٺو، انهن جي باري ۾ منقول آهي پاڻ روزانو پنهنجي نفس کي مخاطب ڪري فرمائيندا هئا: اي نفس! تون پنهنجي حد ۾ رهه ۽ ياد رک! توکي قبر ۾ به وڃڻو آهي، پُل صراط تان به گذرڻو آهي، دشمن آسپاس موجود هوندا جيڪي توکي ساڄي کاٻي طرف ڇڪيندا، ان وقت قاضي، رب تعالٰي جي ذات هوندي ۽ جيل، جهنم هوندي جڏهن ته ان جا داروغه سَيّدُنا مالڪ (عَلَیْہِ السَّلَام) هوندا، ان ڏينهن جو قاضي (مَعَاذَ اللہ عَزَّوَجَلَّ) ناانصافي جي طرف مائل نه هوندو ۽ نه ئي داروغه ڪا به رشوت قبول ڪندا ۽ نه ئي جيل ٽوڙڻ ممڪن هوندو جو تون اُتان کان فرار ٿي سگھين، قيامت جي ڏينهن تنهنجي هلاڪت ئي هلاڪت آهي، هي به معلوم ناهي ته فرشتا توکي ڪيڏانهن وٺي ويندا، عزّت ۽ آرام جي مقام جنت يا حسرت ۽ تنگي جي جڳھ جنهم ۾، (اهڙي طرح پاڻ فڪرِ مدينه ڪندا رهندا هئا) انهي دوران سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي اکين مبارڪ مان لڙڪ به وهندا رهندا هئا. (حڪايات الصالحين،ص ۵۰)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته اسان جي بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ المبين ۾ فڪرِ مدينه جو ڪيتري جذبو قدر موجود هو، جو ان مبارڪ هستين جي ويجھو فڪرِ مدينه (يعني محاسبو ڪرڻ) جي ڪيتري قدر اهميت هئي جو هر وقت پنهنجي عملن جي باري ۾ فڪرمند رهندا هئا ته نه ڄاڻ اسان جا هي اعمال الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ مقبول ٿي اسان جي مغفرت جو ذريعو بڻجندا يا مردود ٿي اسان جي هلاڪت جو سبب ثابت ٿيندا. ٿورو سوچيو ته جڏهن هي بارگاھِ خداوندي جا مقبول ٻانها ايتري قدر استقامت