Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان پنهنجي عملن جو محاسبو ڪرڻ جي حوالي سان ٻڌو ته پنهنجو محاسبو ڪندو رهڻ تمام گهڻي اهميت جو حامل آهي. آخرت جي نجات انهي ۾ آهي جو انسان دنيا ۾ ئي پنهنجو محاسبو ڪندو رهي ۽ پنهنجي نفس جي چڱي نموني نگراني ڪندو رهي، جيڪو شخص آخرت جي حساب کان پهرين پنهنجو حساب پاڻ ڪندي پنهنجي ذات ۽ پنهنجي ڪمن ۾ موجود برائين کي سُڌاري وٺندو آهي، اهو گناهن کان بچڻ، نيڪيون ڪثرت سان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي، انهن نيڪ عملن جي برڪت سان ان کي مشڪلاتن ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جي مدد حاصل ٿيندي آهي ۽ قيامت جي ڏينهن خوبصورت باغ اهڙي شخص جو ٺڪاڻو ٿيندا. قرآن ۽ حديث ۾ خود احتسابي جي ترغيب ڏياري وئي آهي، بلڪه حديثِ پاڪ ۾ ته تاڪيدي ڪئي وئي آهي ته انسان کي پنهنجي وقت مان ڪجھ وقت احتساب (فڪرِ مدينه) جي لاءِ مقرر ڪرڻ گھرجي ۽ ڪنهن به ڪم کان پهرين ان جي انجام جي باري ۾ غور ڪرڻ گهرجي ته هي ڪم چڱو آهي يا بُرو. جيڪڏهن چڱو هجي ته ڪري ۽ بُرو هجي ته ان کان رڪجي وڃي. ياد رهي! ته فڪرِ مدينه ڪندي آخرت جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ صرف نيڪين جي ڪثرت جو ذريعو ئي ناهي بلڪه پاڻ به عظيم نيڪي ۽ زبردست عبادت آهي جيئن ته اسان حديثِ پاڪ ۾ ٻُڌو ته آخرت جي باري ۾ گھڙي کن غور ۽ فڪر ڪرڻ سٺ (60) سالن جي عبادت کان بهتر آهي.

اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ شيخ طريقت، اميرِ اہلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي شفقتن جي سبب اسان جي لاءِ مدني انعامات جي ذريعي فڪرِ مدينه ڪرڻ نهايت آسان ٿي ويو آهي، تنهنڪري سڀ اسلامي ڀائر فڪرِ مدينه ڪندي مدني انعامات جو رسالو پُر ڪرڻ (فڪرِ مدينه) کي پنهنجو معمول بڻائي وٺو،