Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

روزانو فڪرِ مدينه ڪرڻ جو انعام

هڪ اسلامي ڀاءُ جي تحرير جو خلاصو آهي: اَلحَمدُلله عَزَّوَجَلَّ مون کي مدني انعامات سان پيار آهي ۽ روزانو فڪرِ مدينہ ڪرڻ منهنجو معمول آهي هڪ ڀيري آءُ تبليغ قرآن و سنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي سنّتن جي تربيت جي مدني قافلي ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ بلوچستان جي سفر تي هيس۔ انهيءَ دوران مون گناهگار تي ڪرم جو دروازو کُلي ويو۔ ٿيو هيئن ته رات جو جڏهن سُمهيس ته قسمت ناز منجهان جاڳي پئي، جناب رسالتِ مآب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خواب ۾ تشريف فرما ٿيا، اڃان جلون ۾ ئي گم هيس ته لب مبارڪن کي جنبش ٿي ۽ رحمت جا گل ڇٽجڻ لڳا لفظن ڪجھ هن طرح ترتيب ماڻي، جيڪي مدني قافلي ۾ روزانو فڪرِ مدينه ڪندا آهن مان انهن کي پاڻ سان گڏ جنّت ۾ وٺي ويندس

شکریہ کیوں کر ادا ہو آپ کا یا مصطفےٰ کہ پڑوسی خُلد میں اپنا بنایا شکریہ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔

(مِشڪاة المَصابيح ، ج۱ ص۵۵ حديث ۱۷۵ دارالڪتب العلمية بيروت)

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد