Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

مَدَني انعامات جون برڪتون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته هنن مَدَني اِنعامات تي عمل، اصل ۾ قرآن ۽ حديث جي ڪجھ اَحڪامن تي عمل ڪرڻ آهي ۽ اِنهن تي عمل جون ايتريون برڪتون آهن، جن جو اندازو نه ٿو لڳائي سگھجي مثلاً * سٺن سٺن عملن جون سٺيون سٺيون نيتون مَدَني اِنعامات جي ذريعي* فرائض ۽ واجِبات يعني نمازن جي ادائگي ۽ جماعت جي پابندي مَدَني انعامات جي ذريعي* قرآنِ ڪريم جي تِلاوت مَدَني انعامات جي ذريعي * روزن جي ڪثرت مَدَني انعامات جي ذريعي* ورد ۽ وظيفن تي اِستِقامت (اِس۔تِ۔قا۔مَت) مَدَني انعامات جي ذريعي * اميرِ اہلسُنّت ۽ عُلَماءِ اہلسُنّت جي ڪتابن جي مُطالَعي تي ہميشگي مَدَني انعامات جي ذريعي * قرآن سکڻ سيکارڻ جي سعادت مَدَني انعامات جي ذريعي * سُنّتن جو برڪتون مَدَني انعامات جي ذريعي* روزانہ ڪنزُالايمان جي (تفسيرِ خزائِنُ العرفان/نورُالعرفان/صراط الجنان سان گڏ) ٽن (3) آيتن جي تِلاوت مَدَني انعامات جي ذريعي * انفرادي ڪوشش جي تَربيت مَدَني انعامات جي ذريعي* پردي ۾ پردو، اُٿندي ويهندي ۽ بيهڻ وقت جيتري قدر ٿي سگھي قِبلي جي طرف منهن ڪرڻ جي سعادت مَدَني انعامات جي ذريعي* فلمن ڊرامن، گانن باجن، تہمتن، گارين ،ڪوڙين ڳالهين، چُغلين، وعدہ خِلافين،طَنز ۽ دِل آزارين، ٽهڪ، حَسَد، تڪبّر ،نِفاق، رياڪاري ۽ خيانت جهڙين مُعاشرتي ،غيراخلاقي ۽ غيرشرعي ڪمن ۽ حَرڪتن کان نفرت مَدَني انعامات جي ذريعي* ذاتي دوستي جي بجاءِ سڀني سان يڪسان (هڪ جهڙا) تَعَلُقات مَدَني انعامات جي ذريعي* ہفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۽ ہفتيوار مدني مذاڪري ۾ شِرڪت مَدَني انعامات جي