Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِہٖمسلمان جي نيت ان جي عمل کان بهتر آهي.[1]

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

(2) جيتريون سٺيون نيتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس *صَـلُّـواعَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله تُوبُوا اِلَـي الله!وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدالڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس* بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بيان ڪرڻ جون نيّتون

*مان به نيت ڪيان ٿو * الله جي رضا حاصل ڪرڻ ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ بيان ڪندس * ڏسي بيان ڪندس * سيپاري 14 سورة النحلآيت نمبر125: اُدۡعُ اِلٰی سَبِیْلِ رَبِّکَ بِا لۡحِکۡمَۃِ وَ الۡمَوۡ عِظَۃِ الۡحَسَنَۃِ ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث؛ 4361)جي هن فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم:

 



[1](المعجم الڪبير للطبراني، باب السیقن،سهل بن سعد الساعدی الحديث: 5942، ج6، ص 185)