Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

1.       اعمال جو دارومدار نيتن تي آهي هر شخص جي لاءِ اهو آهي جنهن جي اهو نيت ڪري. (بخاری ۱/ ۶ حديث:۱)

آخري حديث جي باري ۾ شارح بخاري حضرت مُفتي محمد شريفُ الحَقْ اَمجدي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته ان حديث جو هي مطلب آهي ته عملن جو ثواب نيت تي ئي (موقوف) آهي، يعني بغير نيت جي ڪنهن ثواب جو استحقاق (اِس۔تِح۔قَاق) ناهي. (نزھةُ القاري ۱/۱۷۲)

اچّھی اچّھی نِیَّتوں کا ہوخدا جذبہ عطا

بندۂ مُخلِص بنا،کر عَفْومیری ہرخطا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل احاديثِ مبارڪه مان نيت جي اهميت ۽ فضيلت معلوم ٿي، تنهنڪري اسان کي به ثواب حاصل ڪرڻ جي خاطر هر جائز ۽ نيڪ عمل کان پهرين سٺيون سٺيون نيّتون ڪري وٺڻ گھرجن ته جيئن ان جي برڪت سان اسان جي اعمال نامي ۾ اجر ۽ ثواب جو ذخيرو جمع ٿيندو رهي.

اهڙي طرح هڪ مدني انعام هي آهي ته ”ڇا اڄ توهان پنج ئي نمازون مسجد جي پهرين صف ۾ تڪبيرِ اولٰي سان گڏ باجماعت ادا فرمايون؟ ۽ هر ڀيري ڪنهن هڪ کي پاڻ سان گڏ مسجد ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي؟“

ان مدني انعام جي باري ۾ ته اميرِ اہلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه پنهنجي رسالي ”نيڪ بنجڻ جو نسخو“ ۾ فرمائن ٿا ته صرف ان هڪ مدني انعام تي جيڪڏهن ڪو ڪاربند ٿي وڃي ته ان جو ٻيڙو پار ٿي وڃي.“

سابقه گناھ معاف

رسولِ اَڪرم،نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو ٻه (2) رڪعت نماز پڙهي، ان ۾ سَهوَ (يعني غلطي) نه ڪري ته جيڪي گناھ پهريان ٿيا آهن الله عَزَّوَجَلَّ معاف فرمائي ڇڏيندو آهي.

(المسند للامام احمد بن حنبل، مسند الانصار، ۸/۱۶۲،حديث :۲۱۷۴۹)