Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

هن مدني انعام تي عمل ڪرڻ صبح ۽ شام مسجد جي حاضري جو ذريعو به آهي جيڪا سعادت آهي: حضرتِ سَيّدُنا ابُو ہُرَيرہ رَضِیَ اللّٰہُ تَعَالٰی عَنْہُ کان مروي آهي ته حُضُورِ اڪرم،نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو:

مَنْغَدَا اِلَىالْـمَسْجِـدِ اَوْرَاحَاَ عَـدَّا للهُلَـه ٗ فِیالْـجَـنَّةِ نُزُلًا كُلَّـمَا غَدَا اَوْرَاحَ جيڪو شخص صبح ۽ شام مسجد ۾ وڃي ته جيتري ڀيرا ويندو، الله عَزَّوَجَلَّ ان جي لاءِ جنت ۾ مهماني تيار فرمائيندو.

(مسلم،ڪتاب المساجد... الخ، باب المشي الي الصلاة... الخ، ص۳۳۶،حديث: ۶۶۹)

پهرين صف

هن مدني انعام ۾ پهرين صف ۾ نماز پڙهڻ جي به ترغيب ڏياري وئي آهي، جنهن جي متعلق حديثِ پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي ته جيڪڏهن ماڻهن کي هي معلوم ٿي وڃي ته اذان ڏيڻ ۽ پهرين صف ۾ نماز پڙهڻ ۾ ڪيترو اجر آهي ۽ پوءِ انهن کي قرعه اندازي کان بغير اها سعادت حاصل نه ٿئي ته ان جي خاطر ضرور قرعه اندازي ڪندا.

(مسلم ،ڪتاب الصلوة، باب تسوية الصفوف واقامتھا۔۔۔الخ، ص۲۳۱، الحديث:۴۳۷)

غصو پيئڻ ۽ درگزر کان ڪم وٺڻ وارا مدني انعام

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته باجماعت نماز پڙهڻ واري هن مدني انعام تي عمل ڪرڻ ڪيتري قدر اجر ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. اهڙي طرح هڪ مدني انعام هي به آهي ته ”ڇا اڄ توهان ڪنهن تي غصو اچي وڃڻ جي صورت ۾ چُپ اختيار ڪري غُصّي جو علاج فرمايو يا ڳالهائي ڇڏيوَ؟ گڏوگڏ درگزر کان ڪم ورتو يا انتقام جو موقعو ڳوليندا رهيا؟ “ هاڻي هن مدني انعام تي غور ڪريو ته معلوم ٿيندو ته معاشري ۾ امن ۽