Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

راضي ڪرڻ جي لاءِ ڪيتريون نيڪيون ڪيون آهن، بلڪه اسان مان هر هڪ کي گھرجي ته سمجھداري جو ثبوت ڏيندي روزانه پابندي سان فڪر مدينه (محاسبو ۽ غورو فڪر) ڪرڻ جي عادت بڻايون، نه ته ڪٿي ايئن نه ٿئي جو اهڙي طرح غفلت جي حالت ۾ موت اچي وڃي ۽ اسان وٽ پڇتائڻ کان علاوه ڪجھ باقي نه رهي.

فڪرِ مدينه ڇاکي چوندا آهن؟

ياد رهي ته دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ عملن جو محاسبو ڪرڻ کي ئي ”فڪرِ مدينه“ چيو ويندو آهي. فڪرِ مدينه مان مراد هي آهي ته انسان آخرت کي سامهون رکندي پنهنجي زندگي جي معمول تي غور و فڪر ڪري، پوءِ جيڪي ڪم ان جي آخرت جي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگھن ٿا، انهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪري ۽ جيڪي ڪم آخرت جي اعتبار سان نفعي بخش نظر اچن ان ۾ بهتري جي لاءِ ڪوشش ڪري. استقامت سان فڪرِ مدينه ڪرڻ سان خوب خوب برڪتون حاصل ٿينديون آهن، اهو ئي سبب آهي ته بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی اَجۡمعِیۡن نهايت استقامت سان (پنهنجي عملن جو محاسبو) ڪندا هئا ۽ ان کان ڪنهن صورت به غفلت اختيار نه ڪندا هئا. جيئن ته،

پوري ڏينهن فڪرِ مدينه

حضرت سَيّدُنا محمد بن واسِع رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته بصره جي رهڻ واري ڪنهن شخص حضرت سَيّدُنا اَبُوذر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي وفات کان پوءِ ان جي زوجهء محترمه کان انهن جي عبادت جي باري ۾ پڇيو ته انهن جواب ڏنو: اهي سڄو ڏينهن گھر جي هڪ ڪنڊ ۾ (آخرت جي باري ۾) غور و فڪر ڪندا رهندا هئا. (احياء علوم الدين، ڪتاب التفڪر ،۵/۱۶۲)