Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

ان آيت جي تحت تفسير ابنِ ڪثير ۾ آهي ته پنهنجو محاسبو ڪري وٺو ان کان پهرين جو توهان جو محاسبو ڪيو وڃي ۽ غور ڪريو ته توهان قيامت جي ڏينهن الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ نيڪ عملن جو ڪيترو ذخيرو جمع ڪيو آهي.

(تفسير ابنِ ڪثير،پ ۲۸،الحشر،تحت الآية:۱۸،۸ / ۱۰۶)

احاديثِ مبارڪه ۾ نبيِ مُڪَرَّم، نُورِمُجسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن به ڪيئي ڀيرا عملن جو محاسبو ڪرڻ جي ترغيب ڏياري آهي، اچو ته انهي متعلق ٽي (3) فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:

احتساب (فڪرِ مدينه) جي متعلق ٽي (3) فرمانِ مصطفٰي

1.       اِذَاہَمَمْتَ بِاَمْرٍ فَتَدَبَّرْ عَاقِبَتَہُ فَاِنْ کَانَ رُشْدًا فَاَمْضِہٖ وَاِنْ کَانَ غَیًّا فَانْتَہِ عَنْہُ يعني جڏهن توهان ڪنهن ڪم کي ڪرڻ چاهيو ته ان جي انجام جي باري ۾ غور ڪري وٺو، جيڪڏهن اهو چڱو آهي ته ان کي ڪري وٺو ۽ جيڪڏهن ان جو نتيجو غلط آهي ته ان کان باز رهو.

(ڪنزالعمال ، ۳ /۱۰۱،حديث:۵۶۷۶)

2.       عقل مند جي لاءِ هڪ گھڙي اهڙي هئڻ گھرجي جنهن ۾ اهو پنهنجي نفس جو محاسبو ڪري. (شعب الايمان، باب في تعديد نعم وشڪرھا، فصل في فضل العقل، ۴/۱۶۴،حديث:۴۶۷۷،مختصراً)

3.       فِکْرَۃُ سَاعَۃٍ خَیْر ٌمِّنْ عِبَادَۃِسِتِّیْنَ سَنَۃً (اُمورِ آخرت ۾) گھڙي کن جي لاءِ غور ۽ فڪر ڪرڻ سٺ (60) سال جي عبادت کان بهتر آهي.

(ڪنز العمال، ۳/۴۸،حديث:۵۷۰۷)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته قرآنِ ڪريم ۽ احاديثِ مبارڪه ۾ احتساب جي ڪيتري قدر ترغيب ڏياري وئي آهي، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته چڱي طرح غور ڪري وٺڻ کپي ته اسان پنهنجي ربّ عَزَّوَجَلَّ کي