Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته! ٻن رڪعتن جي جڏهن اها فضيلت آهي ته جيڪو شخص پنج ئي نمازون ۽ اهي به باجماعت ادا ڪرڻ لڳي وڃي ته ان جا ته ڀاڳ ئي ڀلا ٿي ويندا.

27 درجا وڌيڪ

حضرت سَيّدُنا عبدُاللہ بن عُمَر رَضِیَ اللّٰہُ تَعَالٰی عَنْہُمَا کان روايت آهي ته تاجدارِ مدينہ، راحتِ قلب و سينہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: باجماعت نماز، اڪيلي نماز کان 27 درجا وڌيڪ آهي.

(مسلم،ڪتاب المساجد ومواضع الصلاة، باب فضل صلاة الجماعة۔۔۔الخ،ص۳۲۶،حديث:۲۵۰)

جهنم کان آزادي

مزيد هن مدني انعام ۾ تڪبيرِ اولٰي جو به ذڪر آهي. ان جي فضيلت حديثِ پاڪ ۾ هي بيان ڪئي وئي آهي ته جيڪو مسجد ۾ چاليھ (40) راتيون نماز عشاء باجماعت اهڙي طرح پڙهي جو پهرين رڪعت فوت نه ٿئي ته الله عَزَّوَجَلَّ ان جي لاءِ جهنم کان آزادي لکي ڇڏيندو آهي.

(سنن ابن ماجہ،ڪتاب المساجد والجماعا ت ،باب صلاة العشاء و الفجر في جماعة،۱/ ۴۳۷ حديث 798)

سُبْحٰنَ اللہ عَزَّوَجَلَّ ! صرف چاليھ (40) ڏينهن تائين عشاء جي نماز تڪبيرِ اولٰي سان گڏ پڙهڻ جي جڏهن اها فضيلت آهي ته زنده رهجي وڃڻ جي صورت ۾ پوري زندگي پنج ئي نمازون تڪبيرِ اوليٰ سان گڏ ادا ڪرڻ جو ڇا مقام هوندو.

مسجد جي حاضري

هن ”مدني انعام“ ۾ جيئن ته باجماعت نماز جي ترغيب ڏياري وئي آهي ۽ باجماعت نماز عام طور تي مسجد ۾ ئي ادا ڪئي ويندي آهي، تنهنڪري