Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

سيکارڻ جي لاءِ هڪ شهرهء آفاق ڪتاب ”رَفِيقُ الحَرَمين“ تحرير فرمايو ۽ مڪي ۽ مديني جي فضائن ۾ پنهنجي سيني کي معطر ڪرڻ جي لاءِ وڃڻ وارن کي آداب ۽ ٻين ضروري مسئلن وغيره کان آگاھ ڪرڻ جي لاءِ ”مجلسِ حج و عمره“ بڻائي. هر سال حج جي ”موسمِ بهار“ ۾ حاجي ڪيمپن ۾ ”مجلسِ حج و عمره“ جي زيرِ اهتمام دعوتِ اسلامي جا مبلغ حاجين جي تربيت ڪندا آهن. حج ۽ مدينهء منوره زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا جي زيارت جيِ رهنمائي جي لاءِ مديني جي مسافرن کي حج ۽ عمري جا ڪتاب مثلًا رفِيقُ الحَرَمين ۽ رَفِيقُ المُعتَمِرِين به مفت پيش ڪيا ويندا آهن.

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تیری دھوم مچی ہو !

12 مدني ڪمن ۾ حصو وٺو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پنهنجي اخلاق کي سنوارڻ ۽ پنهنجي گفتار ۽ ڪردار کي بهتر بنائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿي وڃو ۽ گڏوگڏ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ به حصو وٺو، ياد رهي ته ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني انعامات“ جو رسالو جمع ڪرائڻ به آهي، اسان پاڻ به مدني انعامات تي عمل سان گڏوگڏ مدني انعامات جو رسالو جمع ڪرائيندي، ٻين کي به پابندي سان مدني انعامات جو رسالو جمع ڪرائڻ جو ذهن ڏيندا رهون، ان تي استقامت جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہ عَزَّوَجَلَّ نيڪ عملن ۾ اضافو ٿيندو. اسان کي به گھرجي ته اسان استقامت سان فڪرِ مدينه کي پنهنجو معمول بڻايون، اِنْ شَآءَ اللہ عَزَّوَجَلَّ ان جو بي شمار برڪتون حاصل ٿينديون اچو ته ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا.