Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

ذريعي* بہارِ شريعت ۽ اعلٰي حضرت جي ڪتابن جو مطالعو مَدَني انعامات جي ذريعي* مرڪزي مجلسِ شُوريٰ ۽ ڪابينه ۽ مُشاورتن ۽ مَجالس جي اِطاعت مَدَني انعامات جي ذريعي * ايستائين جو دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ اِستِقامت به مَدَني انعامات جي ذريعي نصيب ٿيندي آهي، مختصر هي ته مَدَني انعامات آخرت جي مصيبتن کان نَجات ۽ بي شمار ڀلائين کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهن۔ تنهنڪري پڪي ۽ سچي نِيت فرمائي وٺو ته اِنْ شَآءَ اللہ عَزَّوَجَلَّ اڄ کان ئي روزانه فڪرِ مدينه ڪرڻ کي پنهنجو معمول بڻائينداسين۔ اِنْ شَآءَ اللہ عَزَّوَجَلَّ

مَدَنی اِنعامات كے عامِل پہ ہر دم ہر گھڑی

یاالٰہی! خُوب برسا رَحْمتوں كی تُو جَھڑی

ڪتاب ”فڪرِ مدينه“ جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! فڪرِ مدينه جي باري ۾ تفصيلي معلومات حاصل ڪرڻ گڏوگڏ نيڪين جو جذبو حاصل ڪرڻ ۽ گناهن کان بچندي پنهنجي عملن جو محاسبو ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 166 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”فڪرِ مدينه“ جو مطالعو نهايت مفيد آهي. هن ڪتاب ۾ فڪرِ مدينه (عملن جي محاسبي) جي ضرورت ۽ اهميت، ان جا فائدا، قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ خود احتسابي جو ثبوت ۽ بُزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی اَجۡمعِیۡن جا فڪرِ مدينه جا واقعات بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ مختلف موضوعن تي فڪرِمدينه ڪرڻ جو عملي طريقو به بيان ڪيو ويو آهي. تمام اسلامي ڀائرن کي مدني التجا آهي ته هي ڪتاب کي اڄ ئي مڪتبة المدينه تان هديو ڏئي طلب ڪري مطالعو فرمايو. دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي ريڊ (يعني پڙهي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) به ڪري سگھجي ٿو ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگهجي ٿو.