Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

انتقام (بدلي) جو جذبو نه ٿو ڏسان“ اي ڪاش! اسان کي به هرو ڀرو غصّي، جذباتيت ۽ پنهنجي ذات جي خاطر انتقام وٺڻ کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون. اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اهڙي طرح شيخ طريقت، اميرِ اہلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه مدني انعام نمبر 6 ۾ سلام کي عام ڪرڻ جي عادت بنائڻ جي لاءِ ارشاد فرمائن ٿا: ڇا اڄ توهان گھر، آفيس، بس، ٽرين وغيره ۾ ايندڙ ويندڙ ۽ گلين کان گذرندي يا رستي ۾ بيٺل ۽ ويٺل مسلمانن کي سلام ڪيو؟

اسلام جو بهترين عمل

سلام جي حسن ۽ خوبي جو اندازو ان ڳالھ مان لڳايو ته سَلام، اسلام جو بهترين عمل آهي گڏوگڏ ڪنهن شخص کي سلام ڪرڻ ايئن آهي جيئن ان صدقو ڏنو هجي، سلام گناهن جي بخشش ۽ معافي جو ذريعو به آهي ۽ جنت ۾ داخلي جو سبب به آهي، هڪ شخص نور جي پيڪر، سڀ نبين جي سرور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پڇيو: اسلام جو سڀ کان بهترين عمل ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: کاڌو کارائڻ ۽ مسلمانن کي سلام ڪرڻ چاهي تون ان کي سڃاڻيندو هجين يا نه سڃاڻيندو هجين. (بخاري، ڪتاب الايمان ،باب اطعام الطعام من الاسلام،۱/ ۱۶، حديث:۱۲) هڪ موقعي تي ارشاد فرمايو: توهان جو ماڻهن کي گرم جوشي سان سلام ڪرڻ به صدقو آهي (جامع العلوم والحڪم،۱/۲۳۵) حضرت سَيدُناابنِ عُمَر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُمَا کان مروي آهي ته جيڪو مسلمان ويھ (20) مسلمانن کي سلام ڪري، ان جي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي آهي. (ڪنزالعمال،ڪتاب