Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

سان فڪرِ مدينه ڪندا هئا ته اسان گناهگارن کي فڪرِ مدينه جي ڪيتري قدر ضرورت آهي. فڪرِ مدينه ڪرڻ جي فائدن ۽ نه ڪرڻ جي نقصانن جو اندازو ان ڳالھ مان لڳايو ته جهڙي طرح ڪاروبار سان تعلق رکڻ وارو ڪوبه شخص ان وقت ڪامياب ڪاروباري بڻجي سگھجي ٿو جڏهن اهو پنهنجي خرچ ڪيل مال کان وڌيڪ نفعو ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ۽ ان جو اصل سرمايو به محفوظ رهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهو پنهنجي ڪاروبار (Business) جي حساب ڪتاب کي روزانه، هفتيوار، ماهانا ۽ سالانه جي بنياد تي تقسيم ڪندو آهي، پوءِ ان تي مختلف طرفن کان نه صرف زباني غور و فڪر ڪندو آهي بلڪه ان کي تحرير به ڪندو آهي ۽ مختلف طريقن کان ان کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو آهي، گڏوگڏ جتي ڪنهن قسم جي خامي نطر اچي وڃي ان کي دُرُست به ڪندو آهي ۽ جيڪا شيءِ نفعي کي حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندي نظر ايندي آهي ان کي ختم به ڪندو آهي. جيڪڏهن اهو پنهنجي ڪاروباري معاملن جو محاسبو نه ڪري ته اڪثر ڪري ان کي نفعو ملڻ ته پَري، ابتو نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ جيڪڏهن ان نقصان کان پوءِ به اهو غفلت نه ڇڏي ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو آهي جو ان جو اصل سرمايو به باقي نه رهندو آهي ۽ اهو پئسي پئسي جو محتاج ٿي ويندو آهي. بلڪل اهڙي طرح جيڪو شخص ”ڪاروبارِ آخرت“ ۾ نفعو ڪمائڻ جو خواهشمند هجي ان کي گھرجي ته پنهنجي ڪيل عملن تي غور ڪري. جيڪي عمل ان کي نفعو ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿين، انهن کي مزيد بهتر ڪري ۽ جيڪي ڪم ان نفعي کي حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا هجن، انهن کي ڇڏي ڏي. جيڪو شخص اهڙي طرح پنهنجو حساب ڪتاب جاري رکندو، اهو الله عَزَّوَجَلَّ جي توفيق سان ڪاميابي ماڻيندو ۽ نفغي جي صورت ۾ اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ ان کي جنت ۾