Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

یہی ہے آرزُو تعلیمِ قرآں عام ہو جائے

تلاوت کرنا صُبح و شام میرا کام ہو جائے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

قُرآن بهترين دَوا آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!صُبح ۽ شام قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ واري کي جتي بي شمار اَجر و ثواب ملندو آهي، ان جي برڪت سان ظاہري و باطني بيمارين کان شفا به نصيب ٿيندي آهي۔ هڪ شخص نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ نِڙي ۾ سور جي شڪايت ڪئي ته پاڻ اِرشاد فرمايو: قرآن پڙھڻ اختيار ڪر۔ (شعب الايمان،٢/٥١٩، حديث :٢٥٨٠) هڪ شخص حاضر ٿي ڪري عرض ڪيو: منهنجي ڇاتيءَ ۾ تڪليف آهي۔ ارشاد فرمايو: قرآن پڙھو، اللہ عَزَّوَجَلَّ فرمائي ٿو: وَشِفَآءٌ لِّمَا فِی الصُّدُوْرِ (ترجمو ڪنزالايمان: ۽ دلين جي صحت) (الدرالمنثور،٤/٣٦٦) (پارہ١١، يونس:٥٧) بلڪه قرآنِ ڪريم ته مختلف بيمارين جي بہترين دَوا به آهي۔ جيئن ته فرمانِ مُصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: خَیْرُالدَّوَاءِ اَلْقُرْاٰنُ يعني بہترين دَوا قرآنِ ڪريم آهي۔ (سنن ابن ماجہ،٤/۱۱۶۔١١۷،حدیث:٣٥٠١)

حضرت علامہ عبدالرؤف مناوي عَلَیۡهِ رَحْمَةُ اللـهِ الۡھَادِی ان حديثِ پاڪ جي تحت لکن ٿا: يعني بہترين تعويذ اهو آهي، جيڪو ڪنهن قرآني آيت جي ذَريعي سان ڪيو وڃي، اِرشادِ باري تعاليٰ آهي:

وَ نُنَزِّلُ مِنَ الۡقُرۡاٰنِ مَا ہُوَ شِفَآءٌ وَّ رَحۡمَۃٌ لِّلۡمُؤۡمِنِیۡنَ ۙ

(پ15، بني اسرائيل، آيت 82)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ اسان قرآن ۾ نازل ڪريون ٿا اها شيء جيڪا ايمان وارن جي لاءِ شفاء ۽ رحمت آهي.