Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

ترتيل يعني بيهي بيهي ڪري پڙهڻ گهرجي جو هي مُستَحَب آهي* جيڪڏهن تلاوت جي دوران نِشاط (چُستي) ۾ ڪمي ۽ سُستي محسوس ٿئي ته ڪجھ دير جي لاءِ تلاوت موقوف ڪئي وڃي ته جيئن سُستي ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر دِلجمعي سان تلاوت ڪرڻ ۾ آساني ٿئي۔ سرڪارِ مدينہ، راحتِ قلب و سينہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمائن ٿا: جيستائين تنهنجي دل لڳي قرآن پڙهندو رہو، پوءِ جڏهن ڌيان هيڏانهن هوڏانهن ٿيڻ لڳي ته اُٿي وڃ۔

(صحيح البخاري، کتاب فضائل القرآن، باب اقرؤالقرآن...الخ، الحديث:۵۰۶۰، ج٣، ص۴۱۹)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! تلاوتِ قرآن جا مزيد آداب سکڻ جي لاءِ اميرِ اہلسنّت جي رسالو "تلاوت جي فضيلت" جو مطالعو فرمايو۔

میں ادب قرآن کا ہر حال میں کرتا رہوں

ہر گھڑی اے میرے مولیٰ تجھ سے میں ڈرتا رہوں

تعليمِ قرآن کي عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جا مختلف شعبه جات

(1) مدرسةالمدينہ للبنين (2) مدرسةالمدينہ جُزوقتي (3) مدرسةالمدينہ رہائشي (4) مدرسةالمدينہ للبنات (5) مدرسةالمدينہ بالغان (6) مدرسة المدينہ بالغات (7) مدرسةالمدينہ للبنين آن لائن (8) مدرسةالمدينہ للبنات آن لائن مدرسةالمدينہ للبنين ۾ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ مدني منن کي قرآنِ پاڪ حفظ و ناظرہ جي تعليم ڏني ويندي آهي۔ مدرسةالمدينہ جُزوقتي ۾ اسڪول پڙھڻ وارن ٻارن کي اسڪول جي تعليم کان پوءِ هڪ يا ٻه ڪلاڪن جي لاءِ قرآنِ پاڪ جي تعليم ڏني ويندي آهي۔ مدرسةالمدينہ رہائشي ۾ طلبہ مدرسن ۾ قيام پذير ٿي ڪري قرآنِ پاڪ حفظ ۽ ناظرہ