Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

۾ منقول آهي، فرمائن ٿا: جنهن آيتِ مُبارَڪه کي آئون بغير سمجهي بي توجُّهي سان پڙھندو آهيان ،ان کي باعثِ ثواب نه سمجھندو آهيان۔ (احياء العلوم ص۸۵۲) حضرت سَيدُنا سليمان داراني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته آئون قرآنِ ڪريم جي ڪا آيت پڙھندو آهيان ته چار پنج راتيون ان ۾غور وفڪر ڪندي گذري وينديون آهن جيڪڏهن آئون خُود ان ۾ غور وفڪر ڪرڻ نه ڇڏيان ته ٻي آيت جي موقعو ئي نه اچي۔ (احياء العلوم ص۸۵۲) اَميرُ المؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمان غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ايتري قدر تلاوت فرمائيندا هئا جو ان جي سبب انهن وٽ ٻه مُصحف شريف (قرآنِ ڪريم) شهيد ٿي ويا هئا، ڪيترائي صحابہء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان ڏسي ڪري قرآنِ پاڪ پڙھندا هئا ۽ ڪوئي ڏينهن قرآنِ پاڪ کي ڏٺي بغير گُذارڻ ناپسند ڪندا هئا۔

(احياء العلوم، ص۸۴۳)

يااللہ عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ قرآن جي صدقي، اسان کي عاشقِ قرآن بڻاءِ، ڪاش! قرآن ڏٺي بغير، قرآن پڙهي بغير اسان کي سڪون ئي نه اچي۔ آمين

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! تلاوتِ قرآن سڀ کان بہترين عبادت آهي، نبيِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ’’اَفْضَلُ عِبَادَۃِ اُمَّتِیْ قِراءَۃُ الْقُرْاٰنِ يعني منهنجي اُمَّت جي افضل عبادت تلاوتِ قرآن آهي۔‘‘(شعب الايمان للبيہقي ج۲ ص۳۵۴ح۲۰۲۲) تنهنڪري ان جي تلاوت کان محروم نه رهجي، يقيناً عقلمند اهو آهي جيڪو هن دُنيا ۾ رهي ڪري وڌ کان وڌ نيڪيون ڪرڻ ۾ مشغول ٿي وڃي، تنهنڪري نِيت فرمائي وٺو ته آئنده پابندي سان قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪنداسين ۽ ڪڏهن به ناغو نه ڪنداسين،

اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ۔