Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

مڪتبة المدينہ کان ڇپجڻ واري عظيم ۽ عام فہم تفسير "صراطُ الجِنان" جلد1، صفحي 200 تي آهي۔

قرآن مجيد جا حق:

ان مان اهو به معلوم ٿيو ته ڪتاب اللہ جا ڪيترائي حق به آهن۔ قرآن جو حق اهو آهي ته ان جي تعظيم ڪئي وڃي، ان سان محبت ڪئي وڃي، ان جي تلاوت ڪئي وڃي، ان کي سمجھيو وڃي، ان تي ايمان رکيو وڃي، ان تي عمل ڪيو وڃي ۽ ان کي ٻين تائين پہچايو وڃي. اهڙي طرح اَحاديثِ مُبارَڪه ۾ به تلاوتِ قرآنِ ڪريم جا بي شُمار فضائل مَوجُود آهن۔ انهيءَ متعلق چار(4) فرامينِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌو۔

(1)          قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندا ڪريو جو هي قيامت جي ڏينهن پنهنجي پڙھڻ وارن جي شفاعت ڪرڻ جي لاءِ ايندو۔ (صحيح مسلم ،ڪتاب فضائل القرآن، ص۴۰۳ح۸۰۴)

(2)          حديثِ قُدسي آهي ته اللہ عَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو: ’’جنهن کي تلاوتِ قرآن مون کان گھرڻ ۽ سوال ڪرڻ کان مشغول (روڪي) رکي، آئون ان کي شڪر گذارن جي ثواب کان افضل عطا فرمائيندس۔‘‘

(ڪنز العمال ج۱ص۲۷۳ ،ح: ۲۴۳۷)

(3)          ’’ٽن قسم جا ماڻهو بروزِ قيامت ڪاري مشڪ جي دڙي تي هوندا، انهن کي ڪنهن قسم جي گھٻراهٽ نه ٿيندي، نه انهن کان حساب ورتو ويندو ايستائين جو ماڻهو حساب کان فارغ ٿين۔ (انهن مان هڪ) اهو شخص آهي جنهن رِضاءِ الٰهي جي لاءِ قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪئي ۽ ماڻهن جي اِمامت ڪئي جڏهن ته اهي ان سان خوش هجن۔‘‘

(شعب الايمان ج۲ ص ۳۴۸ح:۲۰۰۲)