Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

۽ جنهن گھر ۾ قرآن ناهي پڙھيو ويندو، اهو پنهنجي رہڻ وارن تي تنگ (سوڙهو) ٿي ويندو آهي، ان جي ڀلائي گھٽ ٿي ويندي آهي، ان مان فِرشتا نڪري ويندا ۽ شياطين اچي ويندا آهن۔‘‘ (احياء العلوم (مترجم) ، ج۱ ، ص ۸۲۶)

اميرِ اہلسنت پنهنجي خواهش جو اظہار فرمائن ٿا:

الٰہی خوب دیدے شوق قرآں کی تلاوت کا

شرف دے گنبدِ خضرا کے سائے میں شہادت کا

نبين جي سُلطان، رَحمتِ عالميان، سردارِ دو جہان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ بَرَڪت نشان آهي: توهان قرآن سان تعلُّق باقي رکو، ان کي مُستقِل پڙھندا رہو، سو قسم آهي اُن جو، جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، يقيناً قرآن زيادہ آزاد ٿيڻ تي آماده آهي، انهن اُٺن کان، جيڪي پنهنجي رسين سان ٻڌل هجن۔ (صحيح البخاري ج۳ ص ۴۱۲ حديث۵۰۳۳) تنهنڪري منهنجا پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ پاڪ جا حقيقي عاشق بڻجي وڃي، ان سان سچي دل لڳائي وٺو، ان جي روزانه تلاوت کي پنهنجو معمول بڻائي وٺو، اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ پوءِ ان جون رحمتون ۽ برڪتون اسان کي به نصيب ٿينديون، گھر مان پريشانيون دُور ٿينديون، رِزق ۾ برڪت ٿيندي ۽ اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ سڀ مُعاملا آسان ۽ حل ٿيندا ويندا۔

اميرِ اہلسنّت لکن ٿا:

تلاوت کی توفیق دیدے الٰہی گناہوں کی ہو دُور دل سے سیاہی

اچو ته تلاوتِ قرآنِ ڪريم جي عظمتن ۽ فضيلتن جي باري ۾ ڪجھ ٻڌون ٿا ته جيئن اسان جي دِلين ۾ به قرآنِ پاڪ جي اہميت ۽ روزانه پابندي سان ان جي تلاوت جي طرف رغبت پيدا ٿئي ۔ الله عَزَّوَجَلَّ سيپاري 22 سُوْرَۃ الفاطِر آيت 29 ۾ اِرشاد فرمائي ٿو: