Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

سڀ کان سٺو ڪتاب

تفسيِر خازِن ۾ قرآنِ پاڪ جي اَحْسَنُ الْحَديث (يعني سڀ کان سٺي ڪتاب) ہئڻ جون ٻه صُورتون بيان ڪيون ويون آهن: (1) لَفظ جي اِعتبار کان ۽ (2) معني جي اِعتبار کان۔

(1) لفظ جي اِعتبار سان هن طرح جو قرآنِ ڪريم فَصاحَت وبَلاغَت جي سڀ کان اونچي دَرَجي تي فائز آهي، نه هي اَشعار جي جِنس مان آهي ۽ نه هي عوامي خطبن ۽ رَسائل جي طريقي تي آهي بلڪه هي ڪلام جو هڪ اهڙو قِسم آهي، جيڪو پنهنجي نموني ۾ سڀ کان جُدا آهي۔

(2) معنٰي جي اِعتبار سان ايئن ته قرآنِ مجيد ۾ ڪٿي به تَعارُض (يعني ٽڪراءُ) ۽ اِختلاف ناهي ۽ ان ۾ ماضي جون خبرون ، پهريان جا واقعات، غيب جون ڪثير خبرون، واعدي ۽ وعيد ۽ جنت ۽ دوزخ جو بيان آهي۔

(تفسير الخازن پ۲۳ الزمر تحت الاية:۲۳ ،۴/ ۵۳)

حديث شريف ۾ آهي ته اَصْدَقُ الْحَدِيثِ کِتَابُ اللہ يعني سڀ کان سچّي حديث ڪتابُ اللہ آهي. (شعب الايمان۴/۲۰۰،حديث۴۷۸۶ملتقطاً) هڪ ٻي حديث شريف ۾ آهي خَیْرُ الْحَدِیثِ کِتَابُ اللہ يعني بہترين حديث ڪتَابُ اللہ  آهي۔ (صحيح مسلم، ص۴۳۰، حديث ۸۶۷ ملتقطا) قرآنِ پاڪ جي تعليمات کي اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن گڏوگڏ مدني منن ۽ مدني منين ۾ عام ڪرڻ واري عالمگير غيرسياسي تحريڪ، دعوتِ اسلامي جي باني ۽ امير شيخِ طريقت، اميرِ اہلسنّت، حضرتِ علامہ مولانا ابوبلا ل محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ بارگاھِ خداوندي ۾ دعا ڪندا آهن: