Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

ہر روز میں قرآن پڑھوں کاش خدایا!

اللہ! تلاوت میں مرے دل کو لگا دے

مُفَسِّرِشَہيرحڪيمُ الْاُمَّت حضرتِ مُفتي احمد يارخان عَلَيْهِ رَحْمَةُ اللهِ الْحَنَّان ان حديثِ پاڪ جي تحت لکن ٿا: حديث جي معنيٰ مُطلقًا ڳالھ ۽ ڪلام آهي، تنهنڪري ان معنيٰ جي اعتبار کان قرآن به حديث آهي ۽ ماڻهن جو ڪلام به، پر اِصطلاح ۾ صرف حُضُور جي فرمان ۽ ڪم کي حديث چيو ويندو آهي۔ هتي لُغوي معنيٰ ۾ آهي، اللہ جو ڪلام سڀ ڪلامن تي ايئن ئي بُزرگ (معزز) آهي جيئن خُود پروَردگار پنهنجي مخلوق تي۔ (مراٰۃ المناجيح ،۱/۱۴۶)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هاڻي توهان قرآنِ ڪريم جا فَضائل ۽ ڪمالات سَماعت فرمايا، واقعي قرآنِ ڪريم جي عظمت ۽ رِفعت جو اَندازو نه ٿو لڳائي سگهجي، ان جو پڙھڻ عبادت، ان جو ٻڌڻ عبادت، ان کي ڇُهڻ عبادت، ايستائين جو ان کي ڏسڻ به عبادت آهي۔ هي مُقدَّس ڪلام رحمتن ۽ برڪتن سان ڀرپُور آهي۔ اچو ته !پہرين ان مُقدَّس ڪتاب سان مَحَبَّت ڪرڻ وارن جا فضائل ٻڌون ٿا۔ جيئن ته

الله ۽ ان جي رسول سان محبت کي ڄاڻڻ جو طريقو

حضرتِ سيدُنا عبداللہ بن مسعود رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: جنهن کي هي ڄاڻڻ پسند ہجي ته اهو اللہ عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪيتري مَحَبَّت ڪندو آهي ته اهو ڏسي ته جيڪڏهن اهو قرآن سان مَحَبَّت ڪندو آهي (يعني ان جي تلاوت ۽ ان تي عمل ڪندو آهي۔ شرح الشفا للملاعلي قاري) ته اهو اللہ عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان به مَحَبَّت ڪندو آهي۔ (المعجم الڪبير للطبراني ۹/۱۳۲ الحديث:۸۶۵۷ )