Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

حضرتِ سيّدُنا سہل بن عبداللہ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: اللہ عَزَّوَجَلَّ سان مَحَبَّت جي علامت قرآن سان مَحَبَّت ڪرڻ آهي، قرآن سان مَحَبَّت جي علامت نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مَحَبَّت ڪرڻ آهي، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مَحَبَّت جي علامت سُنَّت (يعني توهان جي حديثن ۽ اَحوال وغيره) سان مَحَبَّت ڪرڻ آهي، سُنَّت سان مَحَبَّت جي علامت آخرت سان مَحَبَّت ڪرڻ آهي، آخرت سان مَحَبَّت جي علامت دُنيا سان بُغض رکڻ آهي ۽ دُنيا سان بُغض جي علامت هي آهي ته ان مان بَقدرِ ضرورت ورتو وڃي ۽ ايتري مِقدار ۾ ورتو وڃي جيڪو آخرت تائين پهچائي ڇڏي۔

(الشفاء بتعريف حقوق المصطفيٰ ،جزء ثاني ص۲۸)

’’جَامِعُ الْعُلُوم وَالْحِکَم‘‘ ۾ آهي: مَحَبَّت ڪرڻ وارن جي ويجھو ڪا به شيءِ محبوب جي ڪلام کان وڌيڪ مٺي ۽ لذيذ ناهي هوندي، محبوب جو ڪلام سندن دلين جي لاءِ ڪيف وسُرورجو باعث ہوندو آهي ۽ اهو ان جي مَقصود ومَطلُوب جي اِنتہا ہوندو آهي۔ (جامع العلوم والحڪم ٤٥٢)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته قرآنِ ڪريم سان مَحَبَّت ڪرڻ ڪيتري اَہَميت جو حامل آهي جو قرآن سان مَحَبَّت کي اللہ عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مَحَبَّت جي علامت قَرار ڏنو ويو آهي ۽ قرآنِ پاڪ سان مَحَبَّت جي علامت ان جي تلاوت سان گڏوگڏ ان تي عمل ڪرڻ به آهي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ شيخِ طريقت، اميرِ اَہلسُنَّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت ِ علامہ مولانا ابُوبلال محمدالياس عطّار قادري رَضَوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه تلاوتِ قرآن کي پنهنجو معمول بنائڻ ۽ ان جي مَحَبَّت دل ۾وڌائڻ جي لاءِ 72 مدني انعامات ۾ مدني انعام نمبر21 ۾ اِرشاد فرمائن ٿا ’’ڇا توهان اڄ ڪَنزُ الايمان مان ڪم اَز ڪم ٽي آيتون (ترجمي ۽ تفسيرسان گڏ) تلاوت