Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

سُورة يٰسين جي برڪت

هڪ ڀيري امام ناصرُ الدين بستي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيمار ٿي پيا ۽ انهيءَ بيماري ۾ توهان تي سَڪتو طاري ٿي ويو، قريبي رشتيدارن مُردو تصوُّر ڪري تَجهيز وتَڪفين کان بعد تَدفين ڪري ڇڏيو، قبر ۾ رات جي وَقت جڏهن سندن کي هوش آيو ته پاڻ کي مَدفُون (دفنايل) ڏسي سخت مُتَحَيّر(حيران) ٿيا ۔انهي حيرت ۽ بيقراريءَ ۾ پاڻ کي ياد آيو ته جيڪو شخص پريشاني جي حالت ۾ چاليھ (40) ڀيرا سُورة يٰسين شريف پڙهندو آهي، اللہ عَزَّوَجَلَّ ان جي مُصيبت کي دور فرمائي ڇڏيندو آهي ۽ تنگي، فَراخيءَ سان بدلجي ويندي آهي۔ تنهنڪري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سورة يٰسين جي تلاوت شُروع ڪري ڇڏي، اڃا پاڻ اوڻيتاليھ (39) ڀيرا ئي پڙهي هئي ته هڪ ڪَفن چور ڪَفن چورائڻ جي نيت سان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي قبر کوٽڻ شروع ڪئي، پاڻ پنهنجي مؤمنانه فراست سان ڄاڻي ورتو ته هي ڪفن چور آهي، تنهنڪري چاليهين ڀيري آهستي آواز ۾ پڙهڻ شُروع ڪئي، ته جيئن اهو ٻڌي نه سگھي، هِتي توهان چاليھ ڀيرا (سورة يٰسين) پُوري ڪئي، ۽ هُتي ڪفن چور به پنهنجو ڪم پورو ڪري چڪو هو، توهان اٿي ڪري قبر کان ٻاهر آيا، خوف جي سبب ڪفن چور جي دل ڦاٽي پئي ۽ اهو لاڏاڻو ڪري ويو، امام ناصرُ الدِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي خيال ٿيو ته جيڪڏهن آءُ فوراً شہر هليو وڃان ته ماڻهن کي سَخت پريشاني، حيرت ۽ هيبت ٿيندي، پاڻ رات جو ئي شهر ۾ ويا ۽ هر پاڙي جي دروازي جي اڳيان پُڪارين پيا ته آئون ناصرُالدِين بستي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه آهيان، توهان مون کي سڪتي جي حالت ۾ ڏسي ڪري غلطي سان مُردو تصوُّر ڪيو ۽ دَفن ڪري ڇڏيو، آئون زِندہ آهيان۔ ان واقعي کان پوءِ