Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

﴿1 هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون

جَزَی اللہُ عَنَّا مُحَمَّدًا مَا ھُوَ اَھْلُہٗ

حضرتِ سيدُنا ابنِ عباس رَضِياللہُ تَعَالٰي عَنہُمَا کان رِوايت آهي ته سرڪارِ مدينه صَلَّي اللہُ تَعَالٰي عَلَيہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هي درود شريف پڙهڻ واري جي لاءَ ستر فرشتا هڪ هزار ڏينهن تائين نيڪيون لکندا آهن. ([1])

﴿2﴾ هر رات عبادت ۾ گذارڻ جو آسان نسخو

غرائب القرآن صفحه 187 تي هڪ روايت نقل ڪئي وئي آهي ته جيڪو شخص رات ۾ ٽي ڀيرا هي دعا پڙهندو ته ان ڄڻ شبِ قدر کي حاصل ڪري ورتو لهٰذا هر رات هي دعا پڙهڻ گهرجي. دعا هي آهي:

لَآ اِلٰہَ اِلَّا اللہُ الْحَلِیْمُ الْکَرِیْمُ، سُبْحٰنَ اللہِ رَبِّ السَّمٰوٰتِ السَّبْعِ وَرَبِّ الْعَرْشِ الْعَظِیْم

”يعني خداءِ حليم و ڪريم کان سواءِ ڪوئي عبادت جي لائق ناهي، الله پاڪ آهي جيڪو ستن آسمانن ۽ عرشِ عظيم جو پروردگار آهي.“

(فيضانِ سنّت ج اوّل، ص 1163، 1164)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد



[1] مجمع الزوائد،ڪتاب الادعیۃ،باب فی ڪیفیۃ الصلاۃ…الخ،10/254،حدیث:17305