Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

بيان جوخُلاصو

اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ اڄ اسان قرآنِ مجيد جي عظمتن ۽ ان جي تلاوت جي برڪتن جي حوالي سان بيان ٻڌو۔ قرآنِ مجيد وَحيء الٰهي آهي، هي قُربِ خُداوَندي جو ذَريعوآهي، رہندڙ دُنيا تائين نسخہء ڪيميا آهي، تمام آسماني ڪتابن جو لُبِّ لُباب آهي، سڀني علوم جو سَرچَشمو آهي، هي ہدايت جو مجموعو، رحمتن جو خَزانو ۽ برڪتن جو چشمو آهي، ان جي تلاوت جون برڪتن مان آهي ته قيامت جي ڏينهن پنهنجي پڙهڻ واري جي شَفاعت ڪندو، گڏوگڏ قيامت جي ڏينهن تِلاوت ڪرڻ واري کي گھٻراهٽ نه ٿيندي، نه ئي ان کان حساب ورتو ويندو۔ قرآنِ پاڪ جي تلاوت اَفضل عِبادت آهي۔ اسان کي به قرآنِ مجيد جي آداب جو خيال رکندي دُرُست مَخارج سان گڏ صُبح ۽ شام جيتري قَدر ممڪن ٿي سگھي، تلاوت جو معمول بنائڻ گھرجي ۽ قرآني تعليمات تي عمل ڪندي پنهنجي زِندگي گذارڻ گھرجي۔ اللہ عَزَّوَجَلَّ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمین بجاہِ النبی الامین صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مدني ڪمن ۾ حصو وٺو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!شيخِ طريقت، اميرِ اَہلسُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه ہجن اسان کي هڪ مَدَني مَقصَد عطا فرمايو آهي ته مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي، اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ۔ تنهنڪري پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ ذيلي حلقي